تصدق جيلاني جي انڪار واري خبر عوامي آواز هڪ ڏينهن اڳ شايع ڪئي

اسلام آباد(اسپيشل انويسٽيگيٽو سيل) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن جي خط جي معاملي تي حڪومت پاران جوڙيل انڪوائري ڪميشن جي سربراهه جسٽس(ر)تصدق جيلاني ڪميشن جي سربراهي کان انڪار ڪيو آهي، روزاني عوامي آواز اها خبر پهرين اپريل 2024ع واري ايڊيشن ۾ هڪ ڏينهن اڳ ڏئي چڪي هئي، خبر ۾ ڄاڻايو ويو هو ته جسٽس(ر) تصدق جيلاني جي ڪميشن جي سربراهي تي پي ٽي آءِ ۽ ڪجهه وڪيل تنظيمن پاران اعتراض اٿي رهيا آهن، 300 وڪيلن چيف جسٽس کي پاڻمرادي نوٽيس لاءِ خط لکيو هو جنهن ۾ جسٽس(ر) تصدق جيلاني جو پٽ به شامل هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.