اسلام آباد(م ڊ)صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته سمورن ڪارنامن جي باوجود عمران خان اڃا به لاڏلو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته عمران خان جي دور ۾ ادارن کي ڪمزور ڪيو ويو، پي ٽي آءِ ملڪ دشمن ايجنڊا تي عمل ڪري رهي آهي، پي ٽي آءِ جو آءِ ايم ايف کي خط ان ايجنڊا جي هڪ ڪڙي آهي،ماضي ۾ عمران خان جيڪي ڪارناما ڪيا آهن ان جي باوجود هو ڇو لاڏلو بڻيل آهي ؟اڊيالا جيل جي سپرنٽينڊنٽ قيدي سان معاهدو ڇو ڪيو؟ جيڪو تاريخ ۾ نه ڪڏهن ٿيو آهي ۽ نه قانون ۽ آئين ۾ آهي، هن کي مرسيڊيز ۾ ڇو آندو وڃي ٿو؟ هن کي وش يو گڊ لڪ ڇو چيو ويندو آهي؟