شام ۾ ايراني قونصليٽ تي اسرائيل جو حملو،ڪمانڊر سميت 8 ڄڻا شهيد

دمشق ( م ڊ ) شام ۾ ايراني قونصليٽ تي اسرائيلي حملو، سينيئر ڪمانڊر سميت 8 ڄڻا مارجي ويا، شام جي راڄڌاني دمشق ۾ ايراني قونصل خاني تي ميزائل حملي ۾ ڪيترن ئي سفارتڪارن سميت 8 ڄڻا مارجي ويا. ايراني ميڊيا موجب اسرائيل دمشق ۾ ايراني قونصل خاني کي ميزائل سان نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ قونصل خاني جي عمارت تباهه ٿي وئي.رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيلي حملي ۾ قونصل خاني جي ڀرسان عمارتن کي به نقصان پهتو آهي، ايراني ميڊيا موجب اسرائيلي ميزائل حملي ۾ 8 ڄڻا مارجي ويا آهن.ايران جي سرڪاري ميڊيا دمشق ۾ سفارتڪار جي مارجڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته دمشق ۾ اسرائيلي حملي ۾ ڪيترائي ايراني سفارتڪار پڻ مارجي ويا آهن. پرڏيهي خابرو اداري موجب دمشق ۾ اسرائيلي ميزائل حملي ۾ مارجي ويلن ۾ ايراني پاسداران انقلاب جي قدس برگيڊ جو سينيئر ڪمانڊر رضا زاهدي به شامل آهي، ايراني ميڊيا موجب ميزائل حملي ۾ قونصل خاني ۽ رهائشگاهه کي نشانو بڻايو ويو. اسرائيلي حملي کانپوءِ شام جي پرڏيهي وزير به ايراني قونصليٽ جو دورو ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.