سنڌ حڪومت ڪراچي ڦورن حوالي ڪري ڇڏي: فاروق ستار

ڪراچي(م ڊ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سينيئر اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته سنڌ حڪومت شهر کي ڌاڙيلن جي حوالي  ڪري ڇڏيو آهي، ايم ڪيو ايم عوام کي ڦورن ۽ چورن جي رحم ڪرم تي نه رهڻ ڏيندي. ٻئي طرف ايم ڪيو ايم پاڪستان علي سهريءَ کي سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ نامزد ڪري ڇڏيو آهي.ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي سنڌ اسيمبلي ميمبرن جو اجلاس فاروق ستار جي صدارت هيٺ ٿيو. جنهن ۾ شهر قائد ۾ امن امان جي بگڙيل صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو.ان موقعي تي فاروق ستار چيو ته شهر ۾ روز سوين واقعا ٿي رهيا آهن، هو شهرين جي قتل عام جي مذمت ڪن ٿا.هن چيو ته سنڌ حڪومت امن امان قائم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي، شهر ۾ ڪٿي به حڪومت ۽ انتظاميه جو وجود نظر نٿو اچي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.