سماجي ڪارڪن صدام لاشاري جي قتل تي جرڳو،پوليس تي 2 ڪروڙ 20 لک رپيا ڏنڊ

ڪراچي(م ڊ) جيڪب آباد ۾ سماجي ڪارڪن صدام لاشاري جي قتل واقعي تي غيرقانوني جرڳو ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، نجي ٽي وي چئنل اي آر واءِ نيوز جي رپورٽ موجب ڪراچي ۾ سردار ذوالفقار سرڪي جي رهائش گاهه تي لڪ بجاراڻي ۽ سردار ذوالفقار سرڪي جي سرپئنچي ۾ جرڳو منعقد ٿيو جنهن ۾ 10 مهينا اڳ پوليس جعلي مقابلي ۾ سماجي ڪارڪن صدام لاشاري کي قتل ڪرڻ واري واقعي جو فيصلو ڪيو ويو،جڏهن ته عدالتي جاچ ۾ نوجوان جي قتل جو واقعو ٻن ايس ايڇ اوز سميت 6 اهلڪارن تي خون ثابت ٿي چڪو هو،جرڳي ۾ ٻن ايس ايڇ اوز ۽ چار پوليس اهلڪارن تي 2 ڪروڙ 20 لک رپين جو ڏنڊ مڙهيو ويوجنهن مان 10 لک رپيا ايڊوانس جي مد ۾ ادا ڪيا ويا آهن جڏهن ته باقي رقم ڇهن مهينن ۾ ادا ڪئي ويندي،مقتول جا وارث ان ڪيس تان هٿ کڻي ويندا ۽ عدالت ۾ پنهنجا بيان تبديل ڪري ڇڏيندا،سپريم ڪورٽ پاران پابندي باوجود ڪراچي ۾ اهو جرڳو ٿيو آهي،رياست اندر رياست قائم ٿيل آهي، نجي ٽي وي جي صحافي موجب ڪراچي جهڙي وڏي شهر ۾ هڪ سردار جي سرپئنچي ۾ اهو فيصلو ٿيو آهي،ڏنڊ کان پوءِ قتل ۾ ملوث پوليس اهلڪارن کي رليف ملي ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.