پي ٽي آءِ سنڌ ۾ ٿيندڙ سينيٽ چونڊن جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽر ) پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ ۾ سينيٽ چونڊن جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ چيو آهي ته موجوده حڪومت کي اجتماعي قبر ۾ دفن ڪيو ويندو. عام چونڊن ۾ اسان 180 کان وڌيڪ سيٽون کٽيون پر اسان جون اڪثر سيٽون کسيون ويون، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته اسان سينيٽ اليڪشن ۾ حصو ورتو ۽ اميدوار بيهاريا. سنڌ مان اسان جا 6 اميدوار سينيٽ اليڪشن ۾ حصو وٺي رهيا هئا پر هاڻي سنڌ مان سينيٽ اليڪشن ۾ حصو نه وٺي رهيا آهيون، واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن موجب سينيٽ جي چونڊ سڀاڻي 2 اپريل تي ٿيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.