اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته يوسف رضا گيلاني سينيٽ چيئرمين ٿيندو، ڊپٽي چيئرمين مسلم ليگ (ن) جو هوندو، رضا رباني کي سينيٽ جي ٽڪيٽ نه ڏيڻ پارٽي جو فيصلو آهي.هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته ڪميشن جي سربراهه جو فيصلو ججن جي خط تي مشاورت کانپوءِ ڪيو ويو آهي، ٽن ججن مان بهترين نالن جي چونڊ ڪئي وئي آهي.هن چيو ته وڪيلن جو رويو مثبت آهي ۽ وڪيل تنظميون تصدق جيلاني جي مقرري کي ڀليڪار ڪري رهيون آهن. هن چيو ته گورنرن جي مقرري سينيٽ چونڊن کانپوءِ ڪئي ويندي.