سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڌاڙيلن وٽ فوجي هٿيار ڪيئن ٿا پهچن؟ مراد علي شاهه

ڪنڌڪوٽ(رپورٽ:ممتاز سنڌي) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته نگران دور ۾ سنڌ جون حالتون خراب ٿيون،  پوليس کي ملٽري گريڊ جا هٿيار فراهم ڪنداسين، سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڌاڙيلن کي ملٽري گريڊ جا هٿيار ڪيئن ملي رهيا آهن، پوليس ،رينجرز ۽ پاڪ فوج جي مدد سان صوبي ۾ جلد امن قائم ڪيو ويندو.اھڙو اظھار وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ڳوٺ دڙي  سندراڻي ۾ پ پ ايم پي اي مير عابدخان سندراڻي جي گھر واري جي لاڏاڻي تي ساڻس تعزيت ڪرڻ بعد ميڊيا وارن سان  ڳالھ ٻولھ ۾ ڪيو،هن چيو ته ڪشمور گھوٽڪي ۽ شڪارپور ضلعي جي امن امان جي صورتحال تسلي بخش ناھي ان ڳالھ جو مون کي احساس آھي، امن امان جي صورتحال کي بھتر ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت طرفان جوڳا بندو بست ڪيا پيا وڃن، وڏي وزير ھڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته سنڌ اندر بدامني جو وڏو ڪارڻ مختلف برادرين جا تڪرار به آھي جنھن سبب جديد هٿيار انھن ھٿياربند گروپن تائين پھچي وڃن ٿا،اسان ان سلسلي  ڪجھ ڏينھن ۾ اسيمبلي اندرخصوصي اجلاس ڪوٺائي ڪو واضح لائح عمل جوڙينداسين جيئن وڌيڪ قيمتي جانيون ضايع نه ٿين، ھن چيو ته امن امان جي صورتحال کي بھتر ڪرڻ لاءِ وفاق کان به مدد گھري آھي جنھن ۾ پوليس کي جديد ھٿيار ۽ بڪتر بند گاڏيون ڏيڻ شامل آھي۔ ھن چيو ته ڏوھارين جي خاتمي ۽ سنڌ اندر امن امان جي صورتحال کي بھتر بنائڻ کانسوا۽ سنڌ حڪومت سک سان نه ويھندي، هن چيو ته ڪشمور، گهوٽڪي، جيڪب آباد ۽ سکر ۾ بدامني جو سبب قبائلي تڪرار آهن، انهن شهرن مان بدامني ختم ڪئي ويندي، عبوري حڪومت جي دور ۾ حالتون خراب ٿيون، قبائلي تڪرار بدامني جو بنيادي سبب آهن. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اڳ اسان تي الزام لڳايا ويا ته سياسي ماڻهو امن امان بهتر نه ڪري سگهيا، نگران حڪومت 6 مهينن ۾ ڪهڙي امن امان جي صورتحال بحال ڪئي؟ هن چيو ته گذريل حڪومت ۾ وفاقي حڪومت کي ملٽري طرز جي هٿيارن جي درخواست ڪئي هئي، هاڻي به ملٽري طرز جي هٿيارن لاءِ درخواست ڪنداسين، وفاقي گهرو وزير کي به ملٽري طرز جي هٿيارن لاءِ چيو آهي، اسان وٽ فنڊن جو ڪو مسئلو ناهي،سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڌاڙيلن وٽ جديد هٿيار ڪٿان کان پهچي رهيا آهن؟ قبائلي تڪرارن جي خاتمي لاءِ مقامي سردارن کان به مدد ورتي ويندي، سنڌ ۾ امن جي قيام لاءِ صوبائي گهرو وزير مقرر ڪيو آهي هن اهو به چيو ته قبائلي تڪرار ختم ڪرڻ کانسواءِ ڌاڙيل راڄ جو خاتمو ممڪن ناهي ان موقعي تي ھن سان پ پ اڳواڻ مڪيش چاوله،بابل ڀيو ۽ سردار احسان مزاري گڏ ھئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.