عوام کي تڪڙو رليف نٿا ڏئي سگهون: خواجا آصف

سيالڪوٽ(م ڊ)بچاءَ واري وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته ملڪ جو وڏو طبقو ٽيڪس نه ٿو ڏئي، رڳو پگهاردار ئي ٽيڪس ڏين ٿا.جيو نيوز سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته 2600 ارب رپين جا ٽيڪس ڪيس عدالتن ۾ آهن، ماڻهو ٽيڪس ڏيڻ بدران عدالتن ۾ ويندا آهن، وڏو طبقو ٽيڪس نٿو ڏئي، رڳو پگهاردار طبقو ئي ٽيڪس ڏئي ٿو.بچاءَ واري وزير وڌيڪ چيو ته ان صورتحال ۾ عوام کي فوري رليف نٿو ڏئي سگهجي، ايندڙ ڏيڍ سال ۾ معيشت بحال ٿي ويندي ۽ عوام کي رليف ملندو.هن چيو ته اربين رپين جا انڪم ٽيڪس ڪيس عدالتن ۾ هلي رهيا آهن، جيڪڏهن انهن مان اڌ به وصول ڪيا وڃن ته اسان جي آءِ ايم ايف مان جان ڇٽي پوندي.خواجا آصف اهو به چيو ته ڇا عدليه انهن ڪيسن جو فيصلو ڪرڻ جو سوچيو آهي،

اهي ڪيس سالن کان التوا ۾ آهن، ٽيڪس ۽ بجلي چوري روڪڻ جي ضرورت آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.