غزا ۾ 35 هزار ماڻهو شهيد ٿي چڪا، اسان ظلم خلاف آواز اٿارينداسين:حافظ نعيم

ڪراچي(رپورٽر) فلسطينين سان اظهار يڪجهتي لاءِ جماعت اسلامي پاران شارهه قائدين تي گذريل رات يڪجهتي غزا جو اهتمام  ڪيو ويو، شب يڪجهتي غزا کي  حافظ نعيم الرحمان، محمد فاروق  فرحان ۽ فلسطين جي اڳواڻ خالد قديمون وڊيو لنگ جي ذريعي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو، حافظ نعيم الرحما مارچ کي خطاب ڪندي چيو ته غزه ۾ 35 هزار ماڻهو شهيد ٿي چڪا آهن، اسان غزه ۾ ظلم جي خلاف آواز اٿاريندا رهنداسين اسان مظلوم فلسطينن سان گڏ بيٺل رهنداسين، اسرائيل کي حماس مات ڏئي ڇڏي آهي، غزه ۾ ٿيندڙ ظلم  جي خلاف آواز اٿاريندا رهنداسين، هن چيوته  سلامتي ڪائونسل جي ٺهراهه کان پوءِ به اسرائيل نه مڙيو، چئني پاسن کان يهودي بمباري ڪئي پئي وڃي، اسپتالن تي به بمباري ڪئي پئي وڃي، حافظ نعيم الرحمان وڌيڪ چيو ته ڀلاري مهيني رمضان ۾ شب بيداري جو فرض پورو ڪيو آهي، شب بيداري جي مدد سان دعاگو آهيون ته فلسطين جي مدد ڪري دعاگو آهيون ته ڪوئي ڳالهائي نه ڳالهائي اسان پنهنجي حصي جو ڏيئرو ٻاڙينندا رهنداسين. فلسطين سان اسان جو ڪو رشتو ٽوڙي نٿو سگهي، فلسطين سان جدوجهد جاري آهي، سڄي دنيا تائين پيغام پهچائڻو آهي، حافظ نعيم الرحمان چيو ته آمريڪا جي دهشتگردي جي تعريف آهي، آمريڪا ويٽنام ۾ لکين ماڻهن کي قتل ڪيو، فلسطين اڳاوڻ وڊيو لنگ تي خطاب ڪيو، شاراهه قائد قدومي  چيو ته ڪراچي جي عوام جو شڪر گذار آهيان جنهن فلسطين جي مسئلي کي زندهه رکيو آيه ۽ اسان سان ٻڌي جو اظهار ڪري رهيا آهن، آمريڪا اسرائيل جي پٺ ڀرائي ڪري رهيو آهي  ۽ فلسطين تي ظلم ڪري رهيو ايه، آمريڪا  انسانيت جي نالي تي ڪارو چٽو آهي، جيڪو دهشتگردي ڪرائي رهيو آهي، هن چيوته غزه ۾ دهشتگردي ڪندڙن ۾ آمريڪا، اسرائيل ۽ برطانيا شامل آهن، غزا جي عوام رڳو ڌرتي لاءِ نه پر جنگ پئي وڙهي پر  مسجد اقصي جي  بقا لاءِ جنگ وڙهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.