عدليه تي دٻاءُ جو معاملو ۽ انصاف جي اوسيئڙي ۾ ويٺل عوام

تحرير: سمير سومرو

اڄڪلهه اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن پاران سپريم جڊيشل ڪائونسل کي لکيل خط بابت خبرون گردش ڪري رهيون آهن. خط جي متن موجب سپريم جڊيشل ڪائونسل کي هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن جي طرفان ٻڌايو ويو ته ڳجها ادارا من پسند فيصلا ڪرائڻ لاءِ ججن تي دٻاءُ وجهن ٿا ۽ کين مختلف طريقن سان حراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. ججن مطالبو ڪيو ته ان حوالي سان عدليه جو ڪنوينشن سڏايو وڃي. خط ۾ چيو ويو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن جي حيثيت ۾ اسان سپريم جوڊيشل ڪائونسل کان هدايت گهرون ٿا ته ايگزيڪيوٽو ميمبرن سميت ڳجهن ادارن جي ججن جي ڪم ۾ مداخلت ۽ ججن تي دٻاءُ وجهڻ بابت. خط ۾ چيو ويو آهي ته اهو معاملو سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي نتيجي ۾ سامهون آيو آهي جنهن ۾ سپريم ڪورٽ پاران 2018ع ۾ جسٽس شوڪت عزيز صديقي جي برطرفي کي غير قانوني قرار ڏيندي چيو ويو ته جسٽس شوڪت عزيز صديقي کي رٽائرڊ سمجهيو ويندو.

واضح رهي ته جسٽس شوڪت عزيز صديقي کي سپريم جوڊيشل ڪائونسل ان وقت برطرف ڪيو هو جڏهن هن الزام لڳايو هو ته ڳجهن ادارن جي اهلڪارن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ احتساب عدالت جي بينچن جي جوڙجڪ سان ٽڪراءُ ڪيو ۽ اسلام آباد ۾ ڪيسن جي ٻڌڻي ۾ مداخلت ڪئي. خط موجب انهن الزامن کانپوءِ ان وقت جي وفاقي حڪومت ۽ آرمي چيف طرفان جسٽس شوڪت عزيز صديقي خلاف شڪايتون داخل ڪيون ويون. خط ۾ اهو به چيو ويو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ پي ٽي آءِ جي باني خلاف ٽيرين وائيٽ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس پنهنجي فيصلي ۾ درخواست کي قابل سماعت قرار ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته بينچ ۾ شامل ٻين 2 ججن چيف جسٽس جي فيصلي سان اختلاف ڪندي درخواست کي ناقابل سماعت قرار ڏئي ڇڏيو. خط لکڻ کان پوءِ پي ٽي آءِ طرفان تحريڪ التوا جمع ڪرائي وئي ۽ خط تي بحث جو مطالبو پڻ ڪيو ويو.  انهن ڏينهن ۾ هڪ عورت تي تشدد جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي. ليڪ ٿيل وڊيو تي تڪرار سال 2022 ۾ ٿيو. وائرل وڊيو ۾ نظر اچي رهيو آهي ته سرجاني ٽائون ۾ هڪ خالي پلاٽ تي عورت کي تشدد ڪيو پيو وڃي. جنهن جي ايف آءِ آر سرجاني ٿاڻي ۾ داخل ڪئي وئي. وڊيو ۾ ماڻهو هڪ حامله عورت کي هراسان ڪيو پيو وڃي ۽ انهن مان هڪ عورت کي ماريندي ڏٺو وڃي ٿو. جي ايم 5 ويسٽ جي عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. جوابدارن عدالت مان ضمانت حاصل ڪري ورتي آهي. وڊيو پڻ ثبوت طور عدالت ۾ پيش ڪئي وئي. پر اها عورت اڃا تائين انصاف جي تلاش ۾ آهي. هڪ ٻي ڌيان ڇڪائيندڙ خبر اها به سامهون آئي آهي ته 2700 ارب رپين جا بقايا ٽربيونلز ۽ اپيليٽ ڪورٽن ۾ ڪيس جي ٻڌڻي هيٺ آهن، اسان آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ کان به بچي سگهون ٿا. هاڻي اسان معزز جج صاحبان کي گذارش ٿا ڪريون ته ملڪ جي بهتري لاءِ التوا واري ڪيسن کي جلد کان جلد نمائيندا ۽ حڪومت پاران جوڙيل ڪميشن تي اعتماد ڪندي مڪمل جاچ ڪري شفاف رپورٽ پيش ڪري.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.