زراعت کاتي کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت

تحرير: غلام حسين لغاري

سنڌ ۾ اعلي ڪامورن جون ٿيندڙ سياسي ۽ سفارشي مقرريون سرڪاري کاتن جو زوال آڻي ڇڏيو آهي خاص ڪري گذريل ڏيڍ ڏهاڪي ته سنڌ ۾ جنهن طرح بدعنوانين ۽ ڪرپشن جنم ورتو آهي شايد ئي ڪنهن ٻئي صوبي ۾ پئدا ٿي هجي .

سنڌ ۾ هن ڀيري پهرين نمبر تي سنڌ جو زراعت کاتو بدعنوانين ۽ ڪرپشن جو ڳڙهه رهيو آهي جنهن زرعي ڪامورن کي راتو رات ڪروڙ پتي بڻائي ڇڏيو. زراعت کاتي جي پلانٽ پروٽيڪشن، زرعي انجنيئرنگ ۽ زرعي تحقيق ونگس کي ڪرپشن جو مرڪز قرار ڏجي يا سڏجي ته غلط نه ٿيندو.گذريل پندرهن سالن ۾ جيڪا ڦرلٽ ٿي يا آبادگارن سان ويساهه گهاتي ٿي شايد ئي ان کان اڳ زراعت کاتي جي اوائلي دور ۾ ٿي هجي جڏهن مالي ۽ افرادي وسيلا گهٽ هئا۔ زراعت کاتي جي اوائلي دور ۾ سچو گيهه ۽ ماکي کائڻ وارا ڪامورا هئا جن جا پونئير به حق و حلال جا حامي هئا.

زراعت کاتي ۾ گذريل پندره سالن ۾ سنڌ جي زرعي پئداوار کي نقلي زرعي زهرن ۽ ڀاڻ جي ڪاروبار وسيلي تباه ڪري نقلي زرعي ڪمپنين کي اڳيان آڻي انهن جي صنعت کي همٿايو ويو جو گهر گهر اهڙي قسم جون فيڪٽريون منظر عام تي آيون جن کي هٿ به ڪيو ويو جن جا زرعي زهر ۽ ڀاڻ غير معياري به نڪتا اهڙا سوين هزارين ڪيس به پڪڙيا ويا پر هڪ به ايف آءِ آر داخل نه ڪرائي وئي اهڙا ڪيس ضلعي ائڊيشنل ڊائريڪٽرن جي آفيسن ۾ ويڳاڻا ۽ التوا ۾ پيل آهن انهي حد تائين جو ڪورٽ پراپرٽي  سيمپل به سڙي چڪا آهن.

هاڻ ته ايف آءِ آرز داخل نه ڪندڙ زرعي ڪامورا نو ڊيوز سرٽيفڪيٽ وٺي رٽائر به ٿي ويا آهن ڪجهه رٽائر ٿيڻ وارا آهن پر ڪنهن جي ڪن تي ڪا جون به ناهي چري۔هڪٻئي پويان سيڪريٽري ۽ وزير به آيا هليا ويا پر سڀني ڪنهن سبب يا مجبوري سبب ڪن لاٽار ڪئي جنهن جو نقصان عام ۽ لاچار آبادگارن ۽ سنڌ کي پهتو ۽ پهچائڻ وارا هن وقت به سزا و جزا کان آزاد آهن . وقت جا وزير سيڪريٽري ڊي جي ۽ ڊائريڪٽر موجون ماڻي هليا ويا کاتي جو هيٺيون ورڪر فيلڊ اسسٽٽ يا ايگريڪلچر آفيسر پيو ٻوٽن جيان لتاڙجي سسپينڊ ٿيل آهن جيڪا هڪ وڏي نا انصافي چئجي.

زرعي توسيع کانپوءِ زرعي انجنيئرنگ ۽ زرعي تحقيق وارا ادارا به مک آهن هنن جي حالت به رحم جوڳي آهي. گذريل پندرهن ويهن سالن کان هنن ادارن ۾ عالمي نوعيت جا مختلف زرعي پروجيڪٽ آيا جيڪي به بي اثر رهيا سنڌ جي زراعت کي انگن اکرن کانسواءِ ڪو به لاڀ نه مليو۔زرعي انجنيئرنگ کاتي رعايتي اگهن تي آبادگارن کي ٽريڪٽر بلڊوزر  لوڊر رڪشا اسپريئر مشنون ۽ گهڻو ڪجهه فراهم ڪيو پر انجو فائدو سردارن وڏيرن ۽ وڏن آبادگارن تائين پهتو ڪميشن جي صورت ۾ فائدو ورتو باقي عام آبادگار اتي جو اتي بيٺل آهي جن کي انهي ڪري فائدو نه پهتو جو وٽن نه پئسو هو نه طاقت نه وري سفارش۔سنڌ جا زرعي توسيع ۽ تحقيق وارا زرعي فارم جيڪي منافعي ۾ هئا سي ڪجهه خاندانن کي نجڪاري جو بهانو بڻائي سندن حوالي ڪيا ويا باقي رهيل زرعي فارمن تي طاقتورن جا قبضا ٿيل آهن پوءِ به هرسال انهن تي ڪروڙين رپيا خرچ ٿين ٿا ۽ واڪ لڳن ٿا.

زرعي تحقيقي اداري سنڌ ۾ سون جي انگ ۾ ڄاڻو محنتي زرعي سائنسدان آهن جن مان ڪجهه ته ملازمت جو مدو پورو ڪري رٽائر ٿي چڪا آهن باقي رهيلن کي به سفارشي ۽ ڪامورڪي ڪلچر ٻوڙي ڇڏيو آهي جنهنڪري صحيح سائنسدان صحيح جاءِ تي مقرر نه ٿو ٿئي۔هرسال ڪروڙن جي بجيٽ ملي ٿي پر کاتي جي آئوٽ پٽ زيرو نظر اچي ٿي جتي تحقيق ۽ توسيع ٿئي اتي في ايڪڙ پئداوار نه هجڻ برابر هجي فارم ويران هجن ته باقي اهڙن فارمن جو ڪهڙو فائدو.

سنڌ جو عالمي سطح جو پراجيڪٽ سوات به سياست ۽ سفارش جي ور چڙهي چڪو آهي جيڪو زرعي توسيع جي ڪنهن سينيئر قابل احترام آفيسر حوالي ٿيڻ گهرجي ها جيڪو پڻ زرعي تحقيق جي 19 گريڊ جي هڪ جونيئر آفيسر حوالي ڪري هن عالمي پراجيڪٽ کي ٻوڙيو ويو آهي۔اڃا وقت ناهي ويو سنڌ جي مفاد کي نظر ۾ رکي پراجيڪٽ 20 گريڊ جي ڪنهن سينيئر تجربيڪار ڪاموري حوالي ڪري ترت انجو ڪم شروع ڪرايو وڃي ۽ سمورن پراجيڪٽس جو جائزو وٺي جن به نااهل رٽائرڊ ڪرپٽ ڪامورن کي مقرر ڪيو ويو آهن تن کي هٽائي ميرٽ جي بنياد تي سينيئر سائنسدانن ۽ ماهرن کي مقرر ڪيو وڃي.

سنڌ جي زراعت کاتي ۾ ڪرپشن  بدعنوانين ۽ ناانصافين جو تڏهن کان بنياد پيو جڏهن وقت جي سيڪريٽري فنانس ۽ سيڪريٽري زراعت  2000ع ۾ پهريون ڀيرو ڪروڙين رپيا رشوت وٺي سترهين گريڊ جي لڳ ڀڳ ڏيڍ سئو انتهائي سينئر آفيسرن کي باءِ پاس ڪري سترهين گريڊ جي سوين انتهائي جونئير آفيسرن کي ارڙهين گريڊ ۾ سليڪشن گريڊ ڏنو ويو جنهنڪري انهن ڏيڍ سئو سينئر ايگريڪلچر آفيسرن جي حق تي ڌاڙو لڳو سندن پينشن ۾ به مالي نقصان ڏنو ويو جن مان ڪجهه حيات آهن ڪجهه لاڏاڻو ڪري ويا آهن جن جا پونئير فاقه ڪشي ۾ آهن۔ هن ڳڻتي جوڳي واقعي جو نه ڪنهن نوٽيس ورتو نه انصاف ڪيو۔جڏهن 17 گريڊ مان تڪڙيون ترقيون ماڻي جونيئر راتو رات ڊي جي ٿيندا ته کاتا به ايئن ئي هلندا۔هڪڙا نوڪري دوران سڀ سهولتون عهدا وٺي وري پي ايڇ ڊي ڪري ڊاڪٽر بڻجي هليا ويا جڏهن ته ميرپورخاص جو هڪ ننڍي گريڊ جو فيلڊ اسسٽنٽ عنايت ميراڻي کي پي ايڇ ڊي ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ معطل ڪرڻ جي سزا ڏني وئي ڪيڏي نه بي حسي چئجي.

زراعت کاتي جي مختلف ونگس ۾ اوڻايون پوڻايون ته ڳڻڻ کان ڳريون آهن جن جي فوري حل لاءِ ٽي روزه سنڌ زرعي ڪانفرنس جو اهتمام ٿيڻ گهرجي جنهن ۾ بحث ٿيڻ گهرجي ته سنڌ جي زراعت کاتي کي سنڌ جو منافع بخش کاتو ڪيئن بنائڻ گهرجي۔ماضي ۾ جيڪي ناانصافيون ٿيون تن جو ڪهڙي ريت ازالو ٿيڻ گهرجي۔ جنهن لاءِ سنڌ جي آبادگارن تنظيمن جا نمائندا زرعي سائنسدان ماهر ۽ سول سوسائٽي کي مدعو ڪيو وڃي۔سنڌ جو وڏو وزير خاص مهمان هجي۔هن وقت زراعت کاتي جو وزير سردار محمد بخش مهر توڙي سيڪريٽري زراعت رفيق احمد ٻرڙو نوجوان آهي تن کي حقيقتن کان آگاهه رهن گهرجي ضروري به آهي ۽ اوليت هجڻ گهرجي ته زرعي دوائن ۽ ڀاڻ جي ڪمپنين ۽ سندن سهولتڪارن خلاف ڏهاڪو کن سالن کان التوا ۾ پيل ڪيس داخل ڇو نه ٿي سگهيا ڪير ذميوار هو ۽ اهي ڇو آزاد آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.