اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن جي خط جي جاچ لاءِ وفاقي حڪومت پاران انڪوائري ڪميشن ٺاهڻ واري اعلان کي رد ڪندي چيو آهي ته ججن جو خط ملڪي ادارن خلاف فرد جرم آهي. وفاقي حڪومت کي ڪيس کليل عدالت ۾ هلائڻ گهرجي. پي ٽي آءِ ڪور ڪميٽي جي اجلاس جي پڌرنامي ۾ چيو ويو ته عدليه ۽ قانوني مفاد سان لاڳاپيل هن حساس معاملي تي وزيراعظم سان چيف جسٽس جي ملاقات تي پي ٽي آءِ کي ڳڻتي آهي. پڌرنامي موجب اسان هن اهم معاملي کي سپريم ڪورٽ جي لارجر بينچ آڏو رکڻ ۽ ان کي کليل عدالت ۾ هلائڻ جو مطالبو ڪريون ٿا. پڌرائي موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن جو خط ادارن خلاف فرد جرم آهي. حاضر سروس ججن جي انتهائي سنجيده مسئلي جي رٽائرڊ جج کا جاچ ڪرائڻ هڪ آزاد، غيرجانبدار ۽ شفاف جاچ سان ڀوڳ آهي. پي ٽي آءِ ڪوڙ ڪميٽي چيو ته پنهنجي خط ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ سپريم جڊيشل ڪائونسل آڏو عدليه جي وجود کي آيل بنيادي چئلينج کي بي نقاب ڪيو آهي. هاءِ ڪورٽ جي ججن جي مطالبي جي روشنيءَ ۾ جڊيشل ڪانفرنس پڻ سڏائي وڃي ۽ججن کي پنهنجون حقيقتون هر سطح تي پيش ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي. ٻئي طرف پاڪستان بار ڪائونسل جي وائيس چيئرمين رياضت علي چيو آهي ته جيڪڏهن فل ڪورٽ ۽ چيف جسٽس کي ڪميشن تي ڪو اعتراض ناهي ته پوءِ اسان ڪير آهيون؟ هن چيو ته اسان چيف جسٽس کي درخواست ڪئي هئي ته جاچ لاءِ ٽن سينيئر ججن تي ٻڌل هڪ ڪميٽي جوڙي وڃي، پر جيڪڏهن عدليه ڪميشن ٺاهڻ تي راضي آهي ته ان معاملي ۾ اسان ڇا ٿا چئي سگهون؟