جوبائيڊن جو شهباز شريف کي خط، گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق

اسلام آباد (م ڊ) آمريڪي صدر جو بائيڊن طرفان وزيرِاعظم شهباز شريف کي خط لکي نئين چونڊيل حڪومت لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. آمريڪي صدر پنهنجي خط ۾ نئين چونڊيل حڪومت لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن جي عوام وچ ۾ ڀائيواري دنيا ۽ اسان جي عوام جي سلامتي يقيني بڻائڻ ۾ اهم آهي. آمريڪي صدر موجب، دنيا ۽ خطي کي پيش وقت جي اهم ترين چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ آمريڪا پاڪستان سان گڏ بيٺو رهندو ۽ صحت جي تحفظ، معاشي ترقي ۽ تعليم سڀ لاءِ جهڙن گڏيل ويجن تي سهڪار جاري رهندو. آمريڪي صدر خط ۾ چيو ته آمريڪا ۽ پاڪستان گرين الائنس فريم ورڪ سان ماحولياتي بهتري لاءِ اسان پنهنجي اتحاد کي وڌيڪ مضبوط ڪنداسين، پائيدار زرعي ترقي، آبي انتظام، 2022ع واري ٻوڏ جي اثرن مان نڪرڻ ۽ بحالي ۾ پاڪستان جي مدد جاري رکنداسين. جو بائيڊن وڌيڪ چيو ته پاڪستان سان گڏجي انساني حقن جي تحفظ، ترقي کي هٿي ڏيڻ لاءِ پُرعزم آهيون، ٻنهي ملڪن جي عوام وچ ۾ ويجهي رشتي کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويندو. ياد رهي ته ڊگهي عرصي کانپوءِ ڪنهن به آمريڪي صدر جو پاڪستاني وزيراعظم کي پهريون سفارتي خط آهي ۽ اِهو خط پاڪستان ۽ آمريڪا جي سفارتي لاڳاپن جي بحالي ڏانهن اشارو آهي. سائفر معاملي ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي الزامن سبب ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا متاثر ٿيا هئا، وزيراعظم شهباز شريف جي اچڻ کانپوءِ آمريڪا سان لاڳاپن جي بحالي ۽ بهتري ڏسڻ ۾ آئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.