ڪراچي (رپورٽر ) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته آءِ ايم ايف جي وڏي پروگرام ۾ شامل ٿيڻ وڃي رهيا آهن. ڪراچيءَ ۾ اسٽاڪ ايڪسچينج جي تقريب کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي محمد اورنگزيب چيو ته 14 ۽ 15 اپريل تي ورلڊ بئنڪ، آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ٿينديون، واشنگٽن ۾ جلد آءِ ايم ايف اختيارين سان ملاقات ٿيندي. سندس چوڻ هو ته بهتر معاشي پاليسين سبب جلد معيشيت مستحڪم ٿيندي، نگران حڪومت معيشيت جي بهتري لاءِ بهتر قدم کنيا. ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته آءِ ايم ايف جي وڏي پروگرام ۾ شامل ٿيڻ وڃي رهيا آهيون، آءِ ايم ايف سان مائيڪرو اڪنامڪ اسٽيبلٽي کي جاري رکيو ويندو، آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول معاهدو معاشي استحڪام لاءِ اهميت رکي ٿو. هن چيو ته معاملا ڏسي ڪري لڳي رهيو آهي ته اسٽاڪ مارڪيٽ صحيح رخ ۾ وڃي رهي آهي. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته زرعي شعبي ۾ 5 سيڪڙو جي گروٿ آهي، چانور ۽ ڪڻڪ جي بهتر پيداوار ٿي آهي، ايف بي آر ۾ سڌارن لاءِ تيزي سان ڪم ڪيو پيو وڃي، ايف بي آر ۾ ٽيڪس ليڪجز کي روڪڻو آهي، هڪ کرب، 7 ارب اوڳاڙي جا ڪيس رولڙي جو شڪار آهن، ڪوشش آهي ته ٽن مهينن ۾ فيصلا ٿي وڃن. محمد اورنگزيب چيو ته توانائي جي شعبي ۾ به سڌارن جي ضرورت آهي، بجلي چوري کي روڪڻو پوندو، ايئرپورٽس جي آئوٽ سورسنگ ايڊوانس مرحلي تي آهي، ڊسڪوز کي پرائيويٽائيزيشن طرف وٺي وڃڻو آهي، بينڪنگ سيڪٽر ۾ بهتري اچي رهي آهي. ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته رمضان پيڪيج کي ساڍا ست ارب مان وڌائي ساڍا 12 ارب رپيا ڪيو ويو، پي آءِ اي کي خانگاهڻ تي ڪم ڪري رهيا آهن، خانگاهڻ جو پروگرام عليم خان اڪيلو نٿو ڪري سگهي ٻين وزارتن کي به گڏ ڪم ڪرڻو پوندو، حڪومت جو ڪم ڪاروبار ڪرڻ ناهي. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته هن سال روينيو جو هدف 9400 ارب رپيا آهي، عدالتن ۾ 1700 ارب رپين جا ڪيس آهن، ان رقم مان اڌ رقم ملي وڃي، اندازو آهي ته 3000 ارب رپين جي ليڪيجز آهن، اها رقم 3000 ارب رپين تائين پهچڻ کان اڳ آهي. آمدني 12 هزار ارب تائين وٺي ويندي. محمد اورنگزيب چيو ته ٽئين ٽه ماهي ۾ زرعي شعبي جي ترقي جي رفتار برقرار رهندي، صنعتي ترقي توانائي سان ڳنڍيل آهي ۽ اها مليل رهندي، پي آءِ اي جي نجڪاري ترقي جي مرحلي ۾ آهي، ڊسڪوز جي گورننس کي بهتر ڪري نجڪاري ڪئي وڃي، گردشي قرض قومي ادارن جي خساري کي گهٽائڻو آهي، وزيراعظم چيو آهي ته هاڻي نه ته تمام گهڻو ڏکيو ٿي ويندو. هن چيو ته پرائيويٽائيزيشن پائيپ لائين ٺاهي پئي وڃي، شروعات ۾ خساري ۾ هلندڙ ادارن تي ڌيان ڏنو پيو وڃي، لاڳت ۾ گهٽتائي، پي ايس ڊي پي کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ڏانهن وٺي وڃڻ گهرجي. وفاقي ناڻي واري وزير چيو ته ٽيڪس ڏيندڙن تي وڌيڪ بار نه ٿا وجهي سگهون، سپر ٽيڪس، ونڊ فال ٽيڪس پائيدار ناهي.