ڪراچي ( رپورٽر ) صوبائي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو پهريون اجلاس سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير هائوسنگ ٽائون پلاننگ، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ اينڊ رورل ڊولپمينٽ سنڌ ۽ چيئرمين صوبائي اسٽيئرنگ ڪميٽي سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ سعيد غني جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن ۾ ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب، ميئر حيدرآباد ڪاشف علي شورو، ميئر سکر بئريسٽر ارسلان اسلام شيخ، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ خالد حيدر شاهه، ايڊيشنل ڪمشنر ون ڪراچي شهرفتخار، مئنيجنگ ڊائريڪٽر ايس ايس ڊبليو ايم بي امتياز علي، وائيس چانسلر اين اي ڊي يونيورسٽي ڊاڪٽر سروش حشمت لوڌي، ايڊيشنل سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ لياقت علي ڀٽي، اي ڊي سي سکر عبدالستار، ڊپٽي سيڪريٽري فنانس تبريز مري، اي ڊي سي حيدرآباد نجيب جمالي، اي ڊي سي حيدرآباد نجيب جمالي ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر جي ڊويزنل بورڊ جي قيام جي منظوري ڏني وئي. ان سلسلي ۾غير مستقل ميمبرن ۾ ٻه ٽيڪنيڪل ماهر اڪيڊمي مان، هڪ ميمبر اين جي اوز ۽ هڪ ميمبر سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ جي ٽيڪنيڪل شعبي جي ماهرن تي مشتمل هوندو. اجلاس ۾ ڊويزنل بورڊ ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر جي ميمبرن جي مقرري جي منظوري ڏني وئي. جڏهن ته لاڙڪاڻي لاءِ نالا اڃا تائين ناھن ملي سگهيا ۽ اجلاس ۾ سندن غير حاضري سبب اهو فيصلو ڪيو ويو ته صوبائي وزير ۽ لاڙڪاڻي جو ميئر گڏجي ڪميٽي جي نالن کي آخري شڪل ڏيندا.