پرچو آئوٽ ڪرڻ جي ڪيس ۾ پبلڪ سروس ڪميشن جو اسسٽنٽ ڪنٽرول گرفتار، 2 جوابدار فرار

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي اسسٽنٽ ڪنٽرولر سميت ٽن جوابدارن جي ڪرپشن ۽ مبينا طور پرچو آئوٽ ڪرڻ واري ڪيس ۾ ضمانت رد ٿي وئي، اسسٽنٽ ڪنٽرولر کي پوليس گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته 2 جوابدار عدالتي احاطي مان فرار ٿي ويا, اهڙي ريت ساڳي ڪيس ۾ ايس پي ايس سي جي 5 ملازمن جي ضمانت منظور ٿي وئي. ڪرپشن جي خاتمي واري خاص عدالت سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي تحت سيڪينڊري اسڪول ٽيچر ايس ايس ٽي جو پرچو ليڪ ٿيڻ واري ڪيس ۾ ضمانت بابت محفوظ ٿيل فيصلو جاري ڪندي مک جوابدار اسسٽنٽ ڪنٽرولر زين العالم، سينيئر ڪمپيوٽر آپريٽر سجاد چاولا ۽ احسن ظهير ابڙو جي عبوري ضمانت رد ڪرڻ جو حڪم ڏنو. جڏهن ته اسپيشل جج اينٽي ڪرپشن سيد خليل  انور حسين جعفري جي عدالت ڄاڻايل ڪيس ۾ پنج نائب قاصدن خان محمد شاهه، محمد شاهزيب، اڪبر ڏاهري ۽ شاهزيب خان جي پڪي ضمانت منظور ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ان کان علاوه لاڳاپيل عدالت گرفتار نائب قاصد دانيال قمبراڻي جي 2 لک رپين عيوض ضمانت منظور ڪندي سندس آزادي جو حڪم ڏنو، ٻئي طرف ضمانت رد ٿيڻ بعد عدالتي احاطي مان 2 جوابدار سجاد احمد چاولا ۽ احسن ظهير ابڙو فرار ٿي ويا. جڏهن ته اينٽي ڪرپشن پوليس اسسٽنٽ ڪنٽرولر زين العالم کي فرار ٿيندي اينٽي ڪرپشن پوليس تحويل ۾ وٺي عدالت ۾ پيش ڪيو. جنهن کي عدالت جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو. 20 فيبروري 2023ع تي 16 هين گريڊ ۾ ايس ايس ٽي جي ڀرتين لاءِ ٽيسٽ دوران پيپر ليڪ ٿيو. جنهن بعد سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن اعتراف ڪندي سمورا پيپر رد ڪرڻ بعد 8 ملازمن کي معطل ڪيو هو. بعد ۾ 23 فيبروري 2024ع تي جي او آر ٿاڻي تي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحاني ڪنٽرولر عبدالحفيظ لغاري جي فرياد تي 10 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ٿيو هو. ڪيس ۾ فريادي دوکي ۽ بدديانتي جا قلم لاڳو ڪرايا هئا، ڪيس داخل ٿيڻ بعد اينٽي ڪرپشن پوليس رڳو هڪ نائب قاصد دانيال قمبراڻي کي گرفتار ڪيو هو باقي سمورن جوابدارن گرفتاري کان اڳ واري ضمانت ڪرائي ڇڏي هئي، 27 مارچ تي اسپيشل جج اينٽي ڪرپشن سيد خليل انور حسين جعفري جي عدالت جوابدارن جي پڪي ضمانت لاءِ ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو هو. جيڪو جاري ڪندي 3 ڄڻن جي ضمانت رد ڪئي ۽ 5 ڄڻن جي ضمانت منظور ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.