ڪراچي( رپورٽر ) ڪراچي جي علائقي بلديا ٽائون ۾ گهر تي دستي بم حملو دوران 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، ريسڪيو ذريعن موجب واقعو ميونسپلٽي نمبر 3 ۾ پيش آيو جتي دستي بم حملي ۾ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا.پوليس اختيارين موجب بلديا ٽائون ۾ شهري جي گهر تي دستي بم اڇلايو ويو آهي. موٽرسائيڪل سوار جوابدار شهري جي گهر تي بم اڇلائي فرار ٿي ويا، ٻنهي زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ڊي آءِ جي ڏکڻ اسد رضا جو چوڻ آهي ته دستي بم حملو ٻن جوا جي واپارين وچ ۾ جهيڙو لڳي ٿو، پوليس واقعي جي جاچ ڪري رهي آهي، ذريعن موجب زخمي ٿيل ڪراچي ۾ اسمگلنگ جي سرگرمين ۾ ملوث آهي. مٿس پرڏيهه مان موبائل فون اسمگل ڪرڻ، ذخيره اندوزي ۽ اسمگل ڪرڻ جا به الزام آهن.