ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون ۾ قڀر اسپتال ڀرسان پوليس مقابلي دوران مبينا طور ڦورن جي گولي سبب واٽهڙو عورت مارجي وئي، پوليس موجب مارجي ويل عورت جي سڃاڻپ نازيه انجم طور ٿي آهي، عورت پنهنجي مڙس سان گڏ قطر اسپتال جي پارڪنگ ۾ موجود هئي ته دڪان ٻاهر ٻن موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس پهچي وئي، ڦورن فرار ٿيڻ دوران فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ گولي لڳڻ سبب عورت مارجي وئي. پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، پوليس جن شهرين کان ڦورو ڦر ڪري رهيا هئا انهن جا بيان به قلمبند ڪري ورتا، پوليس موجب واقعي جا سي سي ٽي وي فوٽيجز هٿ ڪري رهيا آهيون.