نوابشاهه / مورو(نمائندن وٽان ) مورو ويجھو قومي شاھراھه ٽپال ڳوٺ وٽ ڪار جو ٽرالر سان ٽڪر دوران ھڪ ڄڻو فوت ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، حادثي ۾ مير محمد لاشاري فوت ٿي ويو، جڏهن ته شڪيل قريشي ۽ دلبر تنيو زخمي ٿي پيا، فوتي جو لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ھوڏانھن پوليس جو چوڻ آھي ته ڪار حادثي ۾ زخمي ٿيندڙ ۽ فوتي ڦورو آھن جيڪي قاضي احمد مان ھڪ دوڪاندارن کان ڦر ڪري فرار ٿيا ڀاڳيا پٺيان لڳل ھئا حادثي کانپوءِ ريسڪيو ڪرڻ دوران پوليس پھتي جنھن دوران شناخت ڪرڻ تي ھنن مختلف بيان ڏنا جنھن تي شڪ ٿيو ھنن وٽان پوليس ڊپارٽمينٽ جو جعلي ڪارڊ م مليو آھي ھنن جي وڌيڪ جاچ ڪريون پيا. جڏھن تہ زخمي شڪيل انور قريشي جو چوڻ آھي ته مان ھڪ واپاري آھيان ھالا مان ڪڻڪ لوڊ ڪرڻ لاءِ ويو ھئس واپسي تي حادثو پيش آيو جڏھن تہ اسپتال ۾ بيان ڏيندي چيو تہ اسان کان غلطي ٿي وئي آھي ڀلي انڪوائري ڪرائي وڃي. ٻي طرف ڪنب پوليس مورو پھتي جتي جتي ايس ايچ او اسلم لغاري ٻڌايو ته زخمي ۽ فوت ٿيندڙ ڪرمنل آھن جنھن تي خير پور ضلعي سميت سنڌ جي مختلف شھرن ۾ ڪار لفٽر اغواہ ڦورن سميت ٻيا ڪيترائي م ڪيس داخل آھن.