اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ڇهن ججن سپريم جڊيشل ڪائونسل کي خط لکي ڳجهن ادارن جي عدليه ۾ مداخلت ۽ ججن تي اثرانداز ٿيڻ واري معاملي تي جوڊيشل ڪنوينشن گهرائڻ جي درخواست ڪئي آهي. جڊيشل ڪميشن کي خط لکڻ وارن ۾ جسٽس محسن اختر ڪياني، جسٽس طارق محمود جهانگيري، جسٽس بابر ستار، جسٽس سردار اعجاز اسحاق، جسٽس ارباب محمد طاهر ۽ جسٽس ثمن رفعت امتياز شامل آهن. انهن ججن طرفان لکيل خط جي ڪاپي سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي سمورن ميمبرن ۽ سپريم ڪورٽ جي سمورن ججن کي موڪلي وئي آهي. خط ۾ عدالتي معاملن ۾ ايگزيڪيوٽو ۽ ايجنسي جي مداخلت جو ذڪر ڪيو ويو آهي. خط ۾ ججن جڊيشل ڪائونسل کي مختلف واقعن جو حوالو ڏنو، جن ۾ مئي 2023ع ۾ هاءِ ڪورٽ جي جج جي رشتيدار جو اغوا ۽ جج جي رهائشگاهه مان ڳجهي ڪئميرا ملڻ جو واقعو شامل آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ کي ڌمڪي ڏيندڙن خلاف ڪارروائي لاءِ به لکيو پر ڪابه ڪارروائي نه ڪئي وئي. خط ۾ چيو ويو آهي ته عدالتي معاملن ۾ مداخلت بابت ڪنوينشن گهرائڻ سان ٻين عدالتن ۾ ايجنسين جي مداخلت بابت به معلومات سامهون اينديون. خط ۾ دليل ڏنو ويو ته ڪنوينشن گهرائڻ سان عدليه جي آزادي بابت وڌيڪ مدد ملندي. تازو خط ۾ چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي لکيل 2023 ۽ 2024 جا خط به شامل ڪيا ويا آهن.