نوابشاھ/ڪنڌڪوٽ(نمائندا)گذريل ڏينهن دوڙ جي رهائشي ڀاءُ ڀيڻ جي اغوا ٿي وڃڻ جي خبر باھ جيان پکڙجي وئي ۽ ايتري پکڙي جو ڌاڙيلن تائين وڃي پهتي، جنهن کان پوءِ اغواڪارن طرفان مغوي رضيه آرائين جي مڙس غلام عباس ڪمبوھ کي فون ڪري خاموش رهڻ جي ڌمڪي ڏني وئي ۽ پيسن جو بندوبست ڪرڻ جو چيو ويو، ذريعن موجب مغوي غلام مصطفيٰ آرائين جون ٻه شاديون آهن جنهن مان هڪ زال کي هن طلاق ڏئي ڇڏي هئي ۽ ٻي زال جنهن مان 6 ٻارن جو اولاد اٿس اها اڃا گڏ رهيس ٿي جڏهن ته هو ٽين عشق جي شادي جو خواهشمند هو، هن جو هڪ ڇوڪري سان موبائل تي رابطو هوندو هو جيڪا هڪ ٻه دفعا هن سان ڪراچي ملڻ آئي ۽ ان هن کي ٻڌايو ته مان ڪنڌڪوٽ جي رهائشي آهيان، هڪ ٻن ملاقاتن کانپوءِ هن غلام مصطفي آرائين کي چيو ته هاڻي منهنجي مائٽن وٽ اچي منهنجو رشتو وٺ ته شادي ڪريون، جنهن کانپوءِ 4 ڏينهن اڳ غلام مصطفي ڪراچي مان نڪتو ۽ پنهنجي ڀيڻائي غلام عباس ڪمبوه کي فون ڪري چيائين ته منهنجي ڀيڻ رضيه کي دوڙ بائي پاس تي تيار ڪري وٺي اچ وڃڻو آهي ڪنهن ڪم سان جنهن کانپوءِ هن جي ڀيڻ دوڙ بائي پاس تي پهتي ۽ پنهنجي ڀاءُ سان گڏ وين ۾ ڪنڌڪوٽ رواني ٿي وئي ۽ پنهنجي مڙس غلام عباس ڪمبوه سان مسلسل رابطي ۾ رهي ۽ ڪنڌڪوٽ پهچي ٻڌايائين ته اسان پهچي ويا آهيون ۽ اسان کي ميزبان موٽر سائيڪل تي کڻڻ اچن پيا جنهن کان پوءِ هنن جي نمبر تان ئي هنن غلام عباس ڪمبوھ کي اطلاع ڏنو ته اسان اغوا ٿي ويا آهيون ۽ اسان کي آزاد ڪرائڻ لاءِ 50 لک جو بندوبست ڪريو، غلام مصطفي ڪمبوھ جو چوڻ آهي ته اسان هارپو ڪري پيٽ گزر ڪندا آهيون ۽ اسان ايترا پيسا ڪٿان آڻيون، ايس ايس پي شهيد بينظير آباد تنوير تنيو ۽ ايس ايس پي ڪشمور بشير احمد بروهي سان مسلسل رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر هنن موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.