ڌاڙيلن وٽ جديد هٿيار ڪيئن پهچي رهيا آهن: نثار کهڙو

لاڙڪاڻو(سٽي رپورٽر) پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو چيو آهي ته سنڌ ۾ امن امان جي خراب صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ بنا ڪنهن  فرق جي ڌاڙيلن، ڏوهارين ۽ اسٽريٽ ڪرمنلز جي خلاف گرينڊ آپريشن شروع ڪرڻ ۽ ڏوهارين جو خاتمو ڪرڻ اڻٽر بڻجي چڪو آهي. سنڌ حڪومت امن امان تي ڪنهن به قسم جي مصلحت نه ڪندي ۽ هر صورت ۾ امن بحال ڪرايو ويندو. هڪ بيان ۾ هن چيو ته سنڌ جي ڪجهه ضلعن ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ناهي ڇاڪاڻ ته ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين پاران اغوا ۽ ڦرن جون وارداتون ڪيون پيون وڃن جيڪو ڳڻتي جوڳو عمل آهن ۽ ڏوهارين پاران اهڙيون وارداتون سنڌ حڪومت، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي رِٽ کي چئلينج ڪرڻ جي برابر آهن ان لاءِ سنڌ جي ڪچي وارن علائقن ۾ ڌاڙيلن، ڏوهارين ۽ شهري علائقن ۾ اسٽريٽ ڪرمنلز جي خلاف سخت آپريشن ضروري بڻجي چڪو آهي هن چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ پوليس کي ان تي به نظر رکڻ گهرجي ته اِهي جديد هٿيار ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين وٽ ڪيئن پهچي رهيا آهن؟ پوليس ۾ موجود ڪارين رڍن تي پڻ ڪڙي نظر رکي وڃي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.