ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس عبدالرحمن تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ سڄي صوبي ۾ ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽين جي رڪارڊ کي ڪمپيوٽرائيزڊ ڪرڻ لاءِ درخواست جي ٻڌڻي ٿي . عدالت رجسٽرار ڪو آپريٽو هائوسنگ سوسائٽي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي .عدالت سيڪريٽري آءِ ٽي کي به نوٽيس جاري ڪري ڇڏيوآهي .عدالت درخواست جي وڌيڪ ٻڌڻي 16 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي .درخواستگذار پنهنجي موقف ۾ چيو ته سڄي سنڌ ۾ ڪو آپريٽو هائوسنگ سوسائٽين جو رڪارڊ ڪمپيوٽرائيزڊ ڪيو وڃي. درخواستگذارجو وڌيڪ چوڻ آهي ته پنجاب ۾ ڪوآپريٽو سوسائٽين جو رڪارڊ به ڪمپيوٽرائيزڊ ڪيو ويو آهي. رڪارڊ ڪمپيوٽرائيزڊ نه ٿيڻ سبب جعلي فائلون ٺهي ٿيون وڃن. درخواستگذارجو موقف آهي ته هڪ پلاٽ جا ٻه به مالڪ ٺهي ٿاوڃن . درخواستگذار چيو ته جعلسازي ۽ فراڊ کان بچڻ لاءِ رڪارڊ ڪمپيوٽرائيزڊ ڪيو وڃي. درخواست ۾ چيف سيڪريٽري، سيڪريٽري ڪوآپريٽو هائوسنگ، رجسٽرار ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي ۽ ٻين کي ڌر ڄاڻايو ويو آهي.
-
ن ليگ کي هاڻي پنهنجي سياسي ميراث حاصل ڪرڻي آهي: نوازشريف
لاهو( م ڊ) مسلم ليگ ن جي قائد ۽ اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف چيو آهي ته هڪ ٻه سال مشڪل سهي پر خوشحالي جو وقت ضرور ايندو. سڀني کي گڏجي ملڪ کي مشڪل مان ڪڍڻو پوندو، نوازشريف ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز سان فيصل آباد ڊيوزن قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن ملاقات ڪئي، ان موقعي تي ڳالهائيندي ميان نوازشريف چيو ته فيصل آباد ۾ ڏور وچڙڻ سان نوجوان جي موت تي گهڻو ڏک آهي، ڏکايل خاندان سان گڏ ۾ برابر جا شريڪ آهيون، اسان جي حڪومت کي نه هٽايو وڃي ها ته پاڪستان خوشحال هجي ها، اڳوڻي وزيراعظم وڌيڪ چيوته قبضو ڪندڙن ملڪ سان جيڪو ڪيوسڀني ڏٺو، مسلم ليگ ئي نه پاڪستان سان به زيادتي ٿي، ن ليگ کي هاڻي پنهنجي سياسي ميراث حاصل ڪرڻي آهي.
-
پاڪستان جو غزا ۾ جنگ بندي بابت قرارداد منظور ٿيڻ جي آجيان
اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان غزا ۾ ڀلاري مهيني رمضان ۾ فوري جنگ بندي تي سلامتي ڪائونسل جي ٺهراهه جي منظوري جي /ڏسو صفحو 7 ڪالم 4
آجيان ڪئي آهي، پنهنجي بيان ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته سلامتي ڪائونسل جي منظور ڪيل قرارداد تي تيزي سان عملدر آمد جو مطالبو ڪريون ٿا، هوڏانهن وزيراعظم محمد شهباز شريف غزا ۾ جنگ بندي لاءِ گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي ٺهراءُ کي خوش آئند قرار ڏيندي چيو آهي ته عالمي برادري غزا ۾ فوري جنگ بندي لاءِ سيڪيورٽي ڪائونسل جي ٺهراءُ تي عملدار آمد کي يقيني بڻائي،
متحده عرب امارات ۾ تقريب، ايم ڪيو ايم جا سمورا ڌڙا هڪ ڇت هيٺ گڏ
دبئي( م ڊ ) متحده عرب امارات ۾ يوم پاڪستان جي موقعي تي متحده قومي موومينٽ پاڪستان جا سمورا دورا هڪ ڇت هيٺ گڏ ٿي ويا.تقريب ۾ سنڌ جي اڳوڻي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد، اڳوڻي وزير بابر غوري ۽ عامر خان شرڪت ڪئي، ٽنهي اڳواڻن يوم پاڪستان جي سالگرهه جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو.ان موقعي تي بابر غوري، عامر خان ۽ ڊاڪٽر عشرت العباد ڪراچي ۾ ڏوهن جي وڌندڙ واقعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.هن چيو ته رمضان المبارڪ دوران ڦورن کي کليل ڇوٽ ڏني وئي آهي، ڦورو سرعام شهر ۾ ڦورون ۽ ڌاڙا هڻي رهيا آهن پر ڪير به شهرين کي تحفظ فراهم نٿو ڪري، هنن چيو ته ڪراچي کي لاوارث نه ڇڏينداسين.