پريا ڪماري جي آزادي لاءِ ٽنڊي الهيار ۾ اقليتي برادري جي ريلي

ٽنڊوالهيار ( رپورٽ : حسرت لغاري) سنگرار مان اغواٿيل معصوم نياڻي پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ ٽنڊوالھيار شهر جي راما پير مندر کان  سهراب ڀيل، ڊاڪٽر روي ڀيل، وڪيل سائين بخش جروار، راڻو ڀيل ۽ بابو ڀيل جي اڳواڻي ۾ نڪتل ريلي شهر جي مختلف رستن تان ٿيندي ٽنڊوالهيار پريس ڪلب پهتي. ريلي ۾ شريڪ ماڻهن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ کنيل هئا جن ۾ پريا ڪماري جي آزادي جا نعرا لکيل هئا.

 

ان موقعي تي اڳواڻن سهراب ڀيل ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال تمام خراب آهي. معصوم پريا ڪماري 2 سالن کان گم آهي، هن وقت به  پريا ڪماري جي گهر ۾ ماتم آهي. هندن کي سنڌ ڇڏائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، پر اسان ڪنهن به صورت ۾ سنڌ نه ڇڏينداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.