فوجي عدالتن ۾ سويلينز جو ٽرائل، اٽارني جنرل کان حراست ۾ ورتل ماڻهن جا تفصيل طلب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن ۾ سول ٽرائل خلاف انٽرا ڪورٽ اپيلن جي ٻڌڻي دوران عدالت اٽارني جنرل کان حراست ۾ ورتل 103 ماڻهن جا تفصيل طلب ڪري ورتا.
جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 6 رڪني لارجر بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، بئنچ ۾ جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس حسن اظهر رضوي، جسٽس شاهد وحيد، جسٽس مسرت هلالي، جسٽس عرفان سعادت خان شامل آهن.
ٻڌڻي جي شروعات تي درخواستگذار جسٽس (ر) جواد ايس خواجا جي وڪيل خواجا احمد حسين بئنچ جي سائيز تي اعتراض اٿاريو.
هن چيو ته 103 جوابدار حراست ۾ آهن، سندن خاندان عدالتي ڪارروائي ۾ شامل ٿيڻ چاهين ٿا، ان ڪري عدالت خاندانن کي ٻڌڻي ڏسڻ جي اجازت ڏئي.
جسٽس امين الدين ريمارڪس ڏنا ته عدالت جو ڪمرو ڀريل آهي، ڪٿي ويهندا؟ عدالت ۾ اچڻ تي ڪو به اعتراض ناهي، ان معاملي کي ڏسي ٿا وٺون .
بعد ۾ جسٽس (ر) جواد ايس خواجا جي وڪيل 9 رڪني لارجر بئنچ ٺاهڻ جي درخواست ڪئي، عدالت ڪميٽي کي 9 رڪني بئنچ ٺاهڻ جي درخواست ڪئي.
ٻڌڻي دوران خيبر پختونخواهه حڪومت فوجي عدالتن ۾ شهرين جو ٽرائل ڪالعدم قرار ڏيڻ خلاف داخل اپيلون واپس وٺڻ جي درخواست ڪئي.
خيبرپختونخواهه حڪومت جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته انٽرا ڪورٽ اپيلون واپس ورتيون وڃن.
ان تي عدالت ريمارڪس ڏنا ته ڪابينا قرارداد تي اپيلون واپس نٿي وٺي سگهي، مناسب هوندو ته اپيلون واپس وٺڻ لاءِ باضابطا درخواست داخل ڪئي وڃي.
ان کانپوءِ فوجي عدالتن خلاف درخواستن تي بئنچ سان گڏ خانگي وڪيلن به اعتراض واريا.
وڪيل فيصل صديقي چيو ته اٽارني جنرل سرڪاري ادارن طرفان پنج اپيلون داخل ڪيون آهن، ڪجهه وزارتن طرفان خانگي وڪيل ورتل آهن، اٽارني جنرل پاڻ اپيلون داخل ڪيون ته پوءِ عوام جو پئسو پرائيويٽ وڪيلن تي ڇو خرچ ڪيو وڃي؟
وڪيل خواجا احمد حسين چيو مناسب هوندو ته بئنچ جوڙڻ لاءِ معاملو ٻيهر ججز ڪميٽي ڏانهن موڪليو وڃي.
جنهن تي جسٽس محمد علي مظهر ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن 9 رڪني بئنچ اڳ ئي ٺاهي وڃي ها ته اڄ اپيلن جي ٻڌڻي نه ٿي سگهي ها.
خواجا احمد حسين چيو ته سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني بئنچ گڏيل فيصلو ڏيندي ٽرائل کي ڪالعدم قرار ڏنو، جيڪڏهن 6 رڪني بئنچ 4-2 جي فيصلي سان ان کي ڪالعدم قرار ڏنو ته اهو تڪراري بڻجي ويندو، اهو معاملو اهم آهي، اعتماد لاءِ ته فيصلو تڪراري نه آهي، اهو تاثر نه هجڻ گهرجي ته بئنچ جي قيام مان فيصلو واضح آهي، بئنچ جي قيام لاءِ مناسب هوندو ته معاملو ججز ڪميٽي ڏانهن واپس موڪليو وڃي.
بعد ۾ عدالت اٽارني جنرل کان 103 گرفتار ماڻهن مان بريت جي اهل ماڻهن جا تفصيل طلب ڪري ورتا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.