چيمپئنز ٽرافي جي تيارين جو جائزو وٺڻ لاءِ آءِ سي سي وفد ڪراچي پهچي ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافي جي تيارين جو جائزو وٺڻ لاءِ آءِ سي سي وفد ڪراچي پهچي ويو آهي
آءِ سي سي جي وفد ۾ سينيئر مئنيجر سارا ايڊگر، مئنيجر عون زيدي شامل آهن.
آءِ سي سي جو وفد نيشنل اسٽيڊيم جي مختلف حصن جو معائنو ڪندو، وفد کي نيشنل اسٽيڊيم جي انتظامن بابت بريفنگ ڏني ويندي.
ان کانسواءِ آءِ سي سي وفد جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان ملاقات جو به امڪان آهي.
ياد رهي ته آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي فيبروري 2025ع ۾ رٿيل آهي ، جڏهن ته ميزباني پاڪستان ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.