فوجي تربيتي ڪئمپ لاءِ رانديگرن جي نالن جو اعلان، شاهنواز ڏاهاڻي ۽ زاهد محمود نظر انداز !

ايبٽ آباد (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ 26 مارچ کان ڪاڪول ۾ شروع ٿيندڙ ٽي 20 فزيڪل ڪيمپ لاءِ 29 رانديگرن جي نالن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ تازو رٽائرمينٽ واپس وٺندڙ فاسٽ بالر محمد عامر ۽ آل رائونڊر عماد وسيم جا نالا به شامل آهن جڏهن ته شاهنواز ڏاهاڻي ۽ زاهد محمود کي نظر انداز ڪيو ويو آهي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اعلان ڪيو آهي ته اڱاري کان ڪاڪول ايبٽ آباد ۾ لڳندڙ فٽنيس ڪيمپ ۾ شرڪت لاءِ 29 رانديگر اڄ رپورٽ ڪندا.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان آرمي جي سهڪار سان هن ڪيمپ جو انعقاد ڪري رهيو آهي جنهن ۾ رانديگرن کي ايندڙ سيريز ۽ ٽورنامنٽ لاءِ مخصوص حڪمت عملي جي موجب تيار ڪيو ويندو، جنهن ۾ نيوزيلينڊ خلاف هوم ٽي ٽوئنٽي سيريز، آئرلينڊ ۽ انگلينڊ خلاف ٽي 20 سيريز ۽ آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز ۾ شيڊيول آءِ سي سي ٽي ٽوئنتي ورلڊ ڪپ شامل آهن.
ڪيمپ 26 مارچ کان شروع ٿي 8 اپريل تي ختم ٿيندي، ڪيمپ جو بنيادي ڌيان ٽيم جي تياري تي هوندو ۽ ان جو مقصد رانديگرن جي جسماني ۽ ذهني طاقت کي وڌائڻ ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ آهي ته اهي ايندڙ چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ بهترين شڪل ۾ آهن.
ڪيمپ ۾ تجربيڪار ٽرينرز ۽ ڪوچز جي رهنمائيءَ هيٺ رانديگر هڪ گڏيل پروگرام تحت تربيت حاصل ڪندا جيڪو انهن جي فٽنيس ليول، چستيءَ، قيادت ۽ اسٽريٽجڪ سوچ ۽ فيلڊ تي مجموعي ڪارڪردگيءَ کي وڌائڻ لاءِ تيار ڪيو ويندو.
ڪيمپ ۾ شامل رانديگرن ۾ بابر اعظم، محمد رضوان، وسيم ايوب، فخر زمان، صاحبزاده فرحان، حسيب الله، سعود شڪيل، عثمان خان، محمد حارث، سلمان علي آغا، اعظم خان ۽ افتخار احمد شامل آهن.
ان کان علاوه عرفان خان نيازي، شاداب خان، عماد وسيم، اساما مير، محمد نواز، مهران ممتاز، ابرار احمد، شاهين شاهه آفريدي، نسيم شاهه، محمد عباس آفريدي، حسن علي، محمد علي، زمان خان، وسيم جونيئر، عامر جمال. حارث رئوف ۽ محمد عامر به فٽنيس ڪيمپ جو حصو هوندا .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.