عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جا پروڊڪشن آرڊر جاري، 4 اپريل تي پيش ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت تحريڪ انصاف باني عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي جي ضمانت واري درخواست ۾ پروڊڪشن آرڊر جاري ڪري ڇڏيا.
ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج طاهر عباس سپرا عدالت ۾ پيشي بابت پي ٽي آءِ باني وڪيلن جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
پي ٽي آءِ باني جو وڪيل خالد يوسف چوڌري عدالت ۾ پيش ٿيو.
عدالت اڊيالا جيل سپرنٽينڊنٽ کي عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي 4 اپريل تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
واضح رهي ته اسلام آباد جي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ 12 مارچ تي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي جي ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي دوران عدالت اڊيالا جيل اختيارين کي وڊيو لنڪ سسٽم درست ڪرڻ ۽ حاضر ٿيڻ جو حڪم ڏنو هو، جڏهن ته 20 مارچ تي اڊيالا جيل اختيارين پي ٽي آءِ باني کي وڊيو لنڪ ذريعي پيش نه ڪيو.
اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي هڪ ڪيس ۾ ضمانت واري درخواست تي ايندڙ ٻڌڻي تي اڊيالا جيل جي ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.