اعظم سواتي کي سينيٽ چونڊ وڙهڻ جي اجازت ملي وئي

پشاور ( ويب ڊيسڪ ) اپيلٽ ٽربيونل پي ٽي آءِ اڳواڻ اعظم سواتي کي سينيٽ اليڪشن وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.
تحريڪِ انصاف جي اڳواڻ اعظم سواتي سينيٽ جي جنرل سيٽ تي نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ تي اپيل داخل ڪئي هئي جنهن تي اپيلٽ ٽربيونل جي جج جسٽس شڪيل احمد اڄ محفوظ فيصلو ٻڌايو.
اپيلٽ ٽربيونل پي ٽي آءِ اڳواڻ اعظم سواتي جا سينيٽ جي جنرل سيٽ تي اليڪشن وڙهڻ لاءِ نامزدگي ڪاغذ منظور ڪري ورتا آهن.
جسٽس شڪيل احمد چيو ته ٽيڪنوڪيٽ جي سيٽ لاءِ اپيل تي بعد ۾ فيصلو جاري ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.