گوادر تي حملو ملڪ جي معيشت تي حملو آهي، حڪومت امن قائم ڪندي: عطا تارڙ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) سڌ سماءُ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته پي ٽي آءِ وارا ڪڏهن آءِ ايم ايف کي خط لکن ٿا ته ڪڏهن يورپي يونين کان عام چونڊن جي جاچ جو مطالبو ٿا ڪن، جيڪڏهن اوهان کي شڪايت آهي ته اليڪشن ڪميشن يا اليڪشن ٽربيونلز ۾ وڃو.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير عطا تارڙ چيو ته پي ٽي آءِ هڪ قومي جماعت آهي پر رويو اهڙو آهي جهڙو ڄڻ ننڍڙا ٻار پاڻ ۾ وڙهي رهيا هجن.
هن چيو ته پي ٽي آءِ اڳواڻ اندروني سياست ڇڏي ميثاقِ معيشت لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، اوهان ڪڏهن آءِ ايم ايف کي خط لکو ٿا ڪڏهن يورپي يونين کان اليڪشن جي جاچ جو مطالبو ڪري رهيا آهيو، جيڪڏهن اوهان کي شڪايت آهي ته اليڪشن ڪميشن يا اليڪشن ٽربيونلز ۾ وڃو، اوهان ڪڏهن لابنگ فرمز جون خدمتون حاصل ڪيو ٿا، اوهان کي ڊونلڊ لو به سرٽيفائيڊ ڪوڙو قرار ڏئي چڪو آهي.
سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ قومي ڌارا ۾ اچي ۽ هتي سياست ڪري، اوهان يورپي يونين کان رپورٽ گهرڻ بدران اليڪشن ڪميشن سان رابطو ڪيو.
وفاقي وزير چيو ته گوادر پورٽ اٿارٽي تي ڪجهه ڏينهن اڳ حملو ڪيو ويو، حملي جي ذميواري بي ايل اي قبول ڪئي، ڪريم جان نالي دهشتگردي گوادر پورٽ اٿارٽي حملي ۾ ملوث هو ۽ اِهو مارجي چڪو آهي، ڳڻتي جوڳي ڳالهه اِها آهي ته آگسٽ 2022ع کان ڪريم جان کي مسنگ پرسن ڊڪليئر ڪيو پئي ويو.
عطا تارڙ وڌيڪ چيو ته گوادر تي حملو اسان جي معيشت تي حملو آهي، ملڪ ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ حڪومت پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.