اڳوڻي جج شوڪت عزيز صديقي جي برطرفي جو فيصلو رد، مراعتون بحال

اسلام آباد ( م ڊ) سپريم ڪورٽ جسٽس شوڪت عزيز صديقي جو سپريم جوڊيشل ڪائونسل جو برطرفي وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.  سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ جسٽس امين الدين ، جسٽس جمال مندو خيل،جسٽس حسن رضوي ۽ جسٽس عرفان سعادت تي ٻڌل 5 رڪني لارجر بئنچ شوڪت صديقي جي آئيني درخواستن تي 23 جنوري 2024 تي مڪمل ڪئي هئي. عدالت هاڻي ڪيس جو 22 صفحن تي تفصيلي فيصلو جاري ڪيو، جيڪو چيف جسٽس پاڪستان فائز عيسيٰ جاري ڪيو .سپريم ڪورٽ طرفان جاري فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سپريم جوڊيشل ڪائونسل طرفان شوڪت عزيز صديقي جي برطرفي کي غيرقانوني قرار ڏنو وڃي ٿو. جڏهن ته 11 آڪٽوبر 2018 تي وزيراعظم جي سفارش تي صدر ان جي برطرفي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ان کي به ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ٿو. عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته جسٽس (ر) شوڪت عزيز صديقي کي بحال نه ٿو ڪري سگهجي،ان کي رٽائرڊ جج تصور ڪيو وڃي، شوڪت صديقي رٽائرڊ جج اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ سموريون مراعتون ۽ پينشن جو حقدار هوندو، ان کي پينشن سميت سموريون مراعتون ملنديون. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ڪيس جي دير سان مقرري سبب شوڪت عزيز صديقي جي عمر 62 سال مڪمل ٿي وئي آهي ۽ عمر پوري ٿيڻ سبب شوڪت عزيز صديقي کي عهدي تي بحال نٿو ڪري سگهجي. هوڏانهن جيو پروگرام ۾ ڳالهائيندي جسٽس شوڪت عزيز صديقي چيو ته جنرل فيض حميد سان ملاقاتون ٿيون، منهنجي الزامن جي عدالتي ڪارروائي ڪئي وڃي، ڪوڙو ثابت ٿيان ته ڀلي ڊي چوڪ تي ڦاسي ڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.