سپريم ڪورٽ جي هاڻوڪن فيصلن اسٽيبلشمنٽ جي مداخلت کي ظاهر ڪيو

اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس فائز عيسي’ جي سربراهي ۾ جڙيل بينچ اسلام آباد هائي ڪورٽ جي اڳوڻي جج شوڪت عزيز صديقي کي چئن سالن کان پوء انصاف ڏئي کيس رٽائرڊ جج جو خطاب ڏنو ۔ ان سان گڏ اهي سڀ سهولتون به ڏيڻ جو حڪم ڪيو جيڪي هڪ ريٽائرڊ جج کي ملڻ گهرجن۔ بقول جسٽس شوڪت عزيز جي ته سندس قصور فقط ايترو هو جو هن ان وقت جي آئي ايس آء چيف فيض حميد جو چيو نه مڃيو جنهن جي ڪري سندس خلاف ڪاروائي ڪئي وئي۔ هي ڪو پهريون دفعو ناهي جو طاقتور ڌرين ججز کي پنهنجي مقصد لاء استعمال ڪيو هجي۔ ان کان اڳ عوام جي چونڊيل وزير اعظم شھيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڪورٽ سڳوري جي حڪم سان ڦاهي تي چاڙھيو ويو۔ 45 سالن جي ڊگهي عرصي کان پوء سپريم ڪورٽ جي هاڻوڪي چيف جسٽس فائز عيسي’ پنهنجي ساٿي ججز سان گڏجي سپريم ڪورٽ جي ان وقت جي ڪيل فيصلي کي غلط قرار ڏيندي ڀٽي صاحب کي بي ڏهي قرار ڏنو۔  ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهي هجي يا جسٽس شوڪت عزيز جي بطور ريٽائرڊ جج جي بحالي مان ثابت ٿئي ٿو ته اسٽبلشمنٽ هر وقت ملڪي معاملي ۾ مداخلت ڪندي رهي آھي ان مداخلت جي ڪري ملڪ کي تمام گهڻو نقصان رسندو رهيو آھي۔هاڻي سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته ڇا جسٽس ر شوڪت عزيز صديقي جي لڳايل الزامن جي تحقيق ٿيندي يا بس الله الله ڪجي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.