اسلام آباد(م ڊ) خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته شهباز شريف پاڻ فارم 47 جو وزيراعظم آهي ان سان فارم 45 ۽ 47 تي ڇا ڳالهائيندس، ڊونلڊ لُو ڪوڙ ڳالهايو آهي. خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن سائفر نه هو ته پوءِ پي ٽي آءِ باني کي غلط سزا ٻڌائي وئي، جيڪڏهن سائفر آهي ته پوءِ پاڪستان خلاف سازش ۽ مداخلت ٿي آهي .هن چيو ته ڊونلڊ لُو جي بيان تي اسد مجيد کي طلب ڪرڻ گهرجي، اسد مجيد کان اهو پڇيو وڃي ته جيڪڏهن سائفر نه هو ته پوءِ ڊيمارش ڇو ڪيو ويو. علي امين گنڊاپور جڊيشل ڪامپليڪس تي حملي ڪيس ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت آڏو پيش ٿيو، عدالت علي امين گنڊاپور جي 17 اپريل تائين گرفتاريءَ کان اڳ واري ضمانت منظور ڪري ورتي آهي