اسلام آباد (م ڊ) معشيت کي بهتر ڪرڻ لا۽ حڪومت نوان پر سخت فيصله ڪري ڇڏيا آھن۔ نادران جي ريڪاڊ تحت بينڪ کاتا ۽ ٻيون سڀ ملڪتون فيڊرل بورڊ آف روينيو سان جوڙي انهن کان ٽيڪس وصول ڪيو ويندو۔ ڇو ته سڀ بينڪ اڪائونٽس ۽ ملڪتون شناختي ڪارڊ تي چڙھيلن آھن ۽ هي ريڪارڊ ٽيڪس وصول ڪندڙ اداري کي ڏئي انهن کان ٽيڪس حاصل ڪيو ويندو۔ واپاري ۽ امير طبقو هن تي ها۽ گهوڙا ڪندا۔ پر اسٽيبلشمينٽ وزير خزانه محمد اورنگزيب کي آندو ئي ان ڪري آھي ته هو اهڙن احتاجن ۽ دانهن کي ڪنهن کاتي ۾ ئي نه آڻي۔ اڳوڻي ايف بي آر جي سربراه شبر زيدي نجي ٽي سان ڳالهيون ڪندي چيو ته معيشيت جي بهتري لا۽ اهڙا فيصله ڪرڻا پوندا۔ پر بدقسمتي اها آھي ته حڪومت عوام کان ته ٽيڪس وٺي ويندي پر پنهنجا شاه خرچ ۽ عياشيون ختم نه ڪندي۔ هي جيڪا ڪابينه ۽ ٻين عملدارن جو سرڪاري خزاني مان پگهارون نه وٺڻ وارا بيان آھن اهي رڳو عوام کي بيوقوف بنائڻ لا۽ آھن۔ پگهار ٻه کان چار لک هوندي پر رڳو انهن جي هڪ دوري تي لکين جو خرچ اچي ٿو ۽ انهن دورن جي ڪا ضرورت به نه آھي۔ ٻيو ته هي ڪروڙين روپين جي گهرن ۾ رهن ٿا ۽ لکين روپين جا ملازم انهن جي رڳو سلامي لا۽ رکيل آھن۔ هي جيڪو شهباز شريف جو قومي خزاني لا۽ خرچ گهٽائڻ لا۽ ڪاميٽي جوڙي آھي اها بڪواس کانسو۽ ڪجه به نه آھي۔ هي عوام کي چريو سمجهن ٿا۔ شبر چيو ته شهباز شريف کي ڪهڙي ضرورت آھي جو ايڏي پروٽوڪول سان دورا پيو ڪري؟