شهيد استاد الله رکيو جا قاتل قانون جي گرفت کان آجا، آپريشن ۾ وڌيڪ 5 شڪي گرفتار

ڪنڌ ڪوٽ (رپورٽ: ممتاز سنڌي) تنگواڻي ڀرسان شھيد ٿيل استاد الله رکيو نندواڻي جا قاتل اڃا تائين قانون جي گرفت کان آجا، پوليس جو چوٿين ڏينهن به قاتلن جي گرفتاري لاءِ آپريشن جاري رکيو، وڌيڪ  پنج شڪي گرفتار ۽ ٺڪاڻا به ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيا، هفتو اڳ شهيد ٿيل استاد الله رکيو نندواڻي ھفتو اڳ ٻارن کي پڙھائڻ جي جذبي کي سامھون رکي ڏوھارين کان بي خوف ٿي بندوق کڻي ٻارن کي علم جي روشني ڏيڻ جي ويڊيو ڀري سوشل ميڊيا تي وائرل ڪئي جنهن جو ڪيس ھاءِ پروفائل ٿيڻ بعد به قاتل قانون جي گرفت کان آجا آهن قاتلن جي گرفتاري نه ٿيڻ ڪري استادن ۽ شھيد جي وارثن ۾ بيچيني ۽ خوف وارو ماحول بڻيل آهي پوليس ترجمان موجب ايس ايس پي بشير احمد بروھي جي اڳواڻي ۾ پوليس ۽ رينجرس جو چوٿين ڏينهن به جمال، شبيرآباد  ۾ ڪوڪاري نندواڻي گينگ جي خلاف آپريشن ھلي رھيو آهي جتان وڌيڪ پنج شڪي ماڻھو گرفتار ڪري ڏوھارين جا ٺڪاڻا ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيا آهن استاد جي قاتلن جي گرفتاري تائين آپريشن جاري رھندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.