پريا ڪماري کي آزاد ڪريو: سنڌ واسين جي سوشل ميڊيا تي وڏي مهم، مختلف شهرن ۾ مظاهرا

ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر  (م ڊ/ نمائندن وٽان) روهڙي جي سنگرار واري علائقي مان اغوا ڪيل معصوم ٻارڙي پريا ڪماري جي بازيابيءَ لاءِ سنڌ واسين جي سوشل ميڊيا تي وڏي مهم، فيس بوڪ، ايڪس، انسٽاگرام ۽ ٻين فورمز تي برنگ بيڪ پريا ڪماري هيش ٽيگ ٽرينڊ ڪرڻ لڳو، عورتون توڙي ٻار به پريا ڪماري جون تصويرون پوسٽ ڪري سندس آزادي جو مطالبو ڪرڻ لڳا، لاڙڪاڻي، نصير آباد ۽ ٻين شهرن ۾ عورتن ۽ ٻارڙن جون ريليون ڪڍي مظاهرا ڪيا ويا، لاڙڪاڻي ۾ ناري جمھوري محاذ پاران پريا ڪماري جي آزاديءَ لاءِ پاڪستاني چوڪ کان پريس ڪلب تائين مارچ ڪيو ويو، قائد عوام پريس ڪلب آڏو ناري جمھوري محاذ اڳواڻ ڪامريڊ بختاور ڪمال، ايڊووڪيٽ سلمان ڀٽو، حميرا سجاد، عوامي ورڪرز پارٽي جي خان غفار خان، ڪمال جنبلات، سجاد گاڏهي، زاهد حسين، ساقي عباسي، حسين شاهه، معشوق چنجڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪيل مظاھري ۾ پي آر ايس ايف، ۽ ٻين سياسي سماجي ڌرين سميت شھرين شرڪت ڪئي، جڏھن ته احتجاج طور ننڍڙن ٻارڙن کي ڪاري رنگ جُبا پھرائي سندن ھٿن ۾ زنجير ٻڌل ھئا. مظاهري ۾ پريا ڪماري ڪٿي آهي؟ جي سوال سان ٺهيل پلي ڪارڊ سمورن مظاهرين جي هٿن ۾ هئا ۽ پريا ڪماري جي آزاديءَ لاءَ نعرا پڻ هنيا ويا، اڳواڻن چيو ته معصوم پريا ڪماري 2021 ۾ محرم دوران سبيل ھلائي رھي ھئي ته کيس اغوا ڪري گم ڪيو ويو، جيڪا 3 سال گذرڻ باوجود بازياب ناھي ڪرائي وئي، سندس امڙ ھنجون ھاري ٻاڏائي رھي آھي ته ٻڄڙي آزاد ڪرائي ڏيو، پر پوليس سميت ٻيا ادارا معصوم ٻارن کي به تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام ويا آھن. ھنن چيو ته اتر سنڌ خاص طور ڪشمور ڪنڌڪوٽ، گھوٽڪي ۽ شڪارپور وارا علائقا عام ماڻھن لاءِ غير محفوظ بڻيل آھن، وڌندڙ بدامني کي رياست روڪي نٿي، ڏوھارين کي پٺڀرائي ڪري عوام جو جيئڻ جنجال بڻايو ويو آھي، نصيرآباد ۾ پڻ پريس ڪلب آڏو ناري جمھوري محاذ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ڪامريڊ عابدا چنا، ضلعي اڳواڻ فوزيا سينگار، مھر چنا، شازيا نوناري، عوامي ورڪرز پارٽي جي نجي چنا، اياز نوناري، زاھد آڳرو، حبدار چنجڻي، رياض ڦلپوٽو، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪيل مظاھري ۾ پي آر ايس ايف، نوجوان اتحاد نصيرآباد، پ پ شھيد ڀٽو ۽ ٻين سياسي سماجي ڌرين سميت شھرين شرڪت ڪئي، احتجاج ۾ عورتن ۽ ٻارڙن پريا ڪماري ڪٿي آهي؟ پريا ڪماري کي آزاد ڪريو، جي سوال سان ٺهيل پلي ڪارڊ سمورن مظاهرين جي هٿن ۾ هئا ۽ پريا ڪماري کي اغوا ڪندڙن کي سزا ڏيارڻ لاءِ نعري بازي پڻ ڪئي، فوزيا سينگار چيو ته 3 سال گذرڻ باوجود نياڻي آزاد ناهي ٿي سگهي، ان جي امڙ بي حال بڻيل آهي، شازيا نوناري ۽ ٻين پڻ چيو ته سنڌ کي ھٿ وٺي بدامنيءَ ، اغوائن ۽ لاقانونيت جي ور چاڙھيو ويو آھي. 10 مارچ تي نصيرآباد ڀرسان پنج سالا نينگري شبيران کوسو جو ڪپڙن کان آجو، ھٿ، پير ۽ آڱريون ڀڳل لاش اڇليو ويو. ايس ايس پي سطح جا آفيسر ۽ پوري ضلعي جي پوليس ٽيم ھينئر تائين خاطر خواھ نتيجو ناھي ڏنو. ٻئي پاسي معصوم پريا ڪماري 2021 ۾ محرم دوران سبيل ھلائي رھي ھئي ته کيس اغوا ڪري گم ڪيو ويو، جيڪا 3 سال گذرڻ باوجود بازياب ناھي ڪرائي وئي، سندس امڙ ھنجون ھاري ٻاڏائي رھي آھي ته ٻڄڙي آزاد ڪرائي ڏيو، پر پوليس سميت ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا معصوم ٻارن کي به تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام ويا آھن، اتر سنڌ خاص طور ڪشمور ڪنڌڪوٽ، گھوٽڪي ۽ شڪارپور وارا علائقا عام ماڻھن لاءِ غير محفوظ بڻيل آھن، اغوائن جو سلسلو رڪجي نٿو. ھر روز ڪو استاد، شاگرد، عام شھري يا ننڍڙو ٻار ان لاقانونيت جي ور چڙھي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.