اچو ته گڏجي مذهبي، نسلي ۽ سياسي فرق کان پاڪ پاڪستان لاءِ جدوجهد ڪريون: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف يوم پاڪستان جي موقعي تي قوم کي واڌايون ڏيندي چيو آهي ته 23 مارچ اسان جي تاريخ جو هڪ اهم ڏينهن آهي، بزرگن جي لاڳيتو جدوجهد سبب ڌار وطن جو قيام ممڪن ٿيو.
شهباز شريف پنهنجي پيغام ۾ چيو ته 14 آگسٽ 1947 تي پاڪستان دنيا جي نقشي تي آزاد ملڪ طور اڀريو، لکين مسلمانن هندستان ۾ گهر ڇڏي پاڪستان هجرت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
هن چيو ته پاڪستاني عوام 8 فيبروري تي ٿيل عام چونڊن ۾ پنهنجن نمائندن کي چونڊيو، پاڪستان کي درپيش سنگين مسئلن کان مڪمل طور آگاھه آهيون.
سندس چوڻ هو ته مهانگائي، بيروزگاري، گردشي قرض ۽ واپاري خسارو وڏا مسئلا آهن، اميد آهي ته ملڪ ۾ مهانگائيءَ جي لهر تي جلد ضابطو آڻي وٺنداسين.
وزيراعظم چيو ته قوم طور حالتن جو مقابلو ڪندي ثابت قدمي جو مظاهرو ڪرڻو آهي، اچو ته گڏجي مذهبي، نسلي ۽ سياسي فرق کان پاڪ پاڪستان لاءِ جدوجهد ڪريون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.