ماسڪو حملي ۾ مارجي ويلن جو انگ 115 ٿي ويو، داعش ذميواري قبول ڪري ورتي: آمريڪي ميڊيا جي دعويٰ

ماسڪو ( ويب ڊيسڪ ) روس جي راڄڌاني ماسڪو ۾ دهشتگرد حملي ۾ 115 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته ڪيترائي شهري زخمي ٿي پيا آهن.
وزيرراعظم شهباز شريف ماسڪو ۾ دهشگرد حملي جي مذمت ڪندي قيمتي انساني جانين جي زيان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته مشڪل وقت ۾ پاڪستان روس سان گڏ بيٺو آهي.
ان کانسواءِ آمريڪا ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ماسڪو ۾ دهشتگرد حملي جي مذمت ڪئي آهي.
روسي اختيارين طرفان صدر والاديمير پيوٽن کي دهشتگرد حملي تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته حملي ۾ مارجي ويلن جو انگ 115 ٿي ويو آهي.
روسي جي صدارتي آفيس ڪريملن طرفان ٻڌايو ويو آهي ته ڪانسرٽ هال حملي ۾ هينئر تائين 11 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
مقامي ميڊيا موجب، ٻن شڪي ماڻهن کي يوڪرائن جي سرحد ويجهو گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته اختيارين طرفان ان حوالي سان ڪو به بيان سامهون ناهي آيو.
روسي ميڊيا جو چوڻ آهي ته مقامي وقت موجب، رات جو اٽڪل اٺين وڳي ٽن دهشتگردن ڪراڪس سٽي هال ۾ داخل ٿي ڪري هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا ۽ بم اڇلايا جنهن کانپوءِ عمارت ۾ باهه لڳي وئي.
دهشتگردن طرفان بم اڇلائڻ کانپوءِ ڪيترائي ماڻهو اندر ڦاسي پيا جڏهن ته باهه سبب عمارت کي به ڪافي حد تائين نقصان پهتو، ريسڪيو اهلڪارن طرفان هڪ سئو کان وڌيڪ ماڻهن کي حفاظت سان ٻاهر ڪڍي ورتي، واقعي واري هنڌ تي وڌيڪ امدادي ڪارروايون جاري آهن.
روسي ميڊيا موجب، ڪراڪس سٽي هال تي دهشتگرد حملي کانپوءِ ماسڪو سميت مختلف علائقن ۾ تقريبون ملتوي ڪيون ويون.
ٻئي پاسي آمريڪي ميڊيا دعوى ڪئي آهي ته داعش روسي ماسڪو ۾ ٿيل دهشتگرد حملي جي ذميواري قبولي ورتي آهي.
امريڪي ميڊيا موجب، عالمي دهشتگرد تنطيم داعش سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽيليگرام تي پنهنجي چينل ذريعي ڪراڪس جي سٽي هال تي دهشتگرد حملي جي ذميواري قبول ڪئي آهي.
هوڏانهن ماسڪو حملي سان لاتعلقي جو اظهار ڪندي يوڪرائني صدر جي ايڊوائيزر جو چوڻ هو ته ماسڪو ڪنسرٽ هال تي حملي سان يوڪرائن جو ڪوبه واسطو نه آهي، سندن جنگ روس ۽ روسي فوج سان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.