ايوان صدر ۾ يوم پاڪستان تي اعليٰ ترين سول اعزاز ڏيڻ جي تقريب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) يوم پاڪستان تي مختلف شعبن ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شخصيتن کي سول اعزازن سان نوازيو ويو.
ايوان صدر ۾ يوم پاڪستان تي اعليٰ ترين سول اعزاز ڏيڻ جي تقريب ٿي، جنهن ۾ سينيئر سياستدان راجا ظفر الحق ۽ سيد قائم علي شاهه کي نشان امتياز سان نوازيو ويو، جڏهن ته سيد طارق فاطمي کي پرڏيهي معاملن ۾ خدمتن تي هلال امتياز سان نوازيو ويو.
تقريب ۾ ڊاڪٽر محمد امجد ثاقب کي عوامي خدمتن تي هلال امتياز سان نوازيو ويو، جڏهن ته اصلاح الدين صديقي کي هاڪي جي شعبي ۾ خدمتن تي نشان امتياز عطا ڪيو ويو.
افتخار عارف کي شاعري ۽ ادب جي شعبي ۾ خدمتن تي نشان امتياز سان نوازيو ويو، جڏهن ته ناليواري شاعر انور مسعود کي هلال امتياز سان نوازيو ويو.
سينيئر صحافي ۽ اينڪر پرسن سهيل وڙائچ کي صحافت جي شعبي ۾ خدمتن تي حسن ڪارڪردگي بابت صدارتي اعزاز سان نوازيو ويو.
تقريب ۾ ايئر مارشل رٽائرڊ نجيب اختر کي نشان امتياز، جڏهن ته مشتاق سکيرا کي پوليس جي شعبي ۾ خدمتن تي هلال شجاعت سان نوازيو ويو، بريگيڊيئر سيد سرفراز مرحوم کي لاڏاڻي کانپوءِ هلال امتياز سان نوازيو ويو.
عوامي خدمتن جي شعبي ۾ مفتي عبدالشڪور کي لاڏاڻي کانپوءِ هلال امتياز سان نوازيو ويو، جڏهن ته ان ئي شعبي ۾ ناصر محمود کوسا، فواد حسن فواد، راجا نعيم اڪبر، ڪيپٽن رٽائرڊ زاهد سعيد، سبطين فضل علي ۽ زاهد اختر زمان کي به هلال امتياز سان نوازيو ويو.
تقريب ۾ طارق باجوا کي معاشي خدمتن تي هلال امتياز، جڏهن ته طارق محمود پاشا کي عوامي خدمتن تي هلال امتياز سان نوازيو ويو.
جاويد اسلم کي عوامي خدمتن تي هلال امتياز سان نوازيو ويو، جڏهن ته فن جي شعبي ۾ احمد شاهه کي هلال امتياز عطا ڪيو ويو، راحت فتح علي خان کي موسيقي جي شعبي ۾ خدمتن تي هلال امتياز سان نوازيو ويو.
ايوان صدر کانسواءِ گورنر هائوس لاهور، ڪراچي، پشاور، ڪوئيٽا ۽ گورنر سيڪريٽريٽ گلگت بلتستان ۾ به ايوارڊ ڏيڻ جون تقريبون ٿيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.