يوٽيوب ” ملٽي ويو “ فيچر ڇا آهي ۽ ڪيئن ڪم ڪري ٿو؟

گوگل طرفان وڊيو شيئرنگ سروس يوٽيوب کي بهتر بڻائڻ لاءِ وقت به وقت نوان فيچر متعارف ڪرايا ويندا آهن، جڏهن ته هاڻ يوٽيوب ۾ هڪ دلچسپ فيچر جو وڌارو ڪيو پيو وڃي جيڪو واهپيدارن کي ضرور پسند ايندو.
ملٽي ويو نالي فيچر يوٽيوب ٽي وي ايپ ۾ ته ڪافي عرصي کان دستياب هو جيڪو هاڻ موبائيل واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو پيو وڃي.
هڪ رپورٽ موجب، هي فيچر آءِ او ايس ۽ آءِ پيڊ ڊيوائسز لاءِ متعارف ڪرايو پيو وڃي.
فيچر ذريعي واهپيدار يوٽيوب جا چار وڊيوز هڪ ئي وقت ڏسي سگهندا.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته فلحال فيچر مخصوص اسپورٽس چئنلز تي ڪم ڪندو پر هوريان هوريان ان جو دائرو وڌايو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.