چئن ڏهاڪن جي ڊگهي انتظار بعد مائيڪرو سافٽ نوٽ پيڊ ۾ وڏي ڦيرڦار

مائيڪرو سافٽ چئن ڏهاڪن کانپوءِ نوٽ پيڊ ايپ ۾ اهڙا فيچر شامل ڪري ڇڏيا آهن جنهن جو واهپيدار ورهين کان اتنظار ڪري رهيا هئا.
چاليهه ورهين کانپوءِ مائيڪرو سافٽ طرفان نوٽ پيڊ ۾ اسپيل چيڪ ۽ آٽو ڪريڪٽ جهڙن فيچرن جو وڌارو ڪيو پيو وڃي.
بلاگ پوسٽ موجب، فلحال فيچرز بيٽا ورجن واهپيدارن لاءِ پيش ڪيا پيا وڃن.
ڄاڻايل فيچر تمام جلد ونڊوز 11 آپريٽنگ سسٽم تي نوٽ پيڊ ايپ ۾ ئي دستياب هوندا.
واضح رهي ته مائيڪرو سافٽ نوٽ پيڊ 1983ع ۾ متعارف ڪرايو هو ۽ تڏهن کان ان ۾ ڪا خاص تبديلي ناهي ڪئي وئي.
ويجهڙ ۾ مائيڪرو سافٽ طرفان نوٽ پيڊ ۾ کوڙ ساريون اپ ڊيٽس ڪيون ويون آهن، جنهن ۾ ڪريڪٽر ڪائونٽ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس ( اي آءِ ) اسسٽنٽ کي پائليٽ جون وضاحتون اهم آهن.
هاڻ نوٽ پيڊ ۾ غلط لکيل لفظن کي هاءِ لائيٽ ڪيو ويندو ۽ انهن کي صحيح ڪرڻ جي سهولت فراهم ڪئي ويندي.
آٽو ڪريڪٽ فيچر سان غلط لکيل لفظ پاڻمرادو صحيح ٿي ويندا.
ڪمپني موجب، ڄاڻايل فيچر گهڻي قدر فائلز ۾ هاءِ ڊيفالٽ ان ايبل ڪيا ويندا، پر ڪوڊنگ بابت فائلز ۾ انهن کي ڊس ايبل رکيو ويندو.
واهپيدار اِهي فيچر نوٽ پيڊ جي سيٽنگز ۾ وڃي ان ايبل يا ڊس ايبل ڪري سگهندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.