يومِ پاڪستان جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ يومِ پاڪستان جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو.
ڏينهن جي شروعات وفاقي تخت گاهه ۾ 31، جڏهن ته صوبائي تخت گاهن ۾ 21، 21 توپن جي سلامتي سان ٿي، مک تقريب اسلام آباد ۾ ٿي، جتي هٿياربند فوجي جٿن پريڊ ۽ هوائي فوج جي ويڙهاڪ جهازن فلاءِ پاسٽ جو مظاهرو ڪيو.
تقريب ۾ صدر، وزيراعظم، چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي، آرمي چيف سميت سعودي دفاع واري وزير خاص مهمان طور شرڪت ڪئي.
صدر پريڊ جو معائنو ڪيو ۽ تقريب کي خطاب ڪيو، جڏهن ته اقبال جي مزار تي گارڊن جي تبديلي جي تقريب ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.