ڀارتي اداڪار سيف علي خان جو چاچو، اڳوڻو سفير ۽ پي سي بي چيئرمين شهريار خان لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو اڳوڻو چيئرمين شهريار خان ڊگهو عرصو بيمار رهڻ کانپوءِ 89 ورهين جي ڄمار لاهور ۾ لاڏاڻو ڪري ويو .
خانداني ذريعن موجب، شهريار خان ڊگهي عرصي کان بيمار هو ۽ اڄ لاهور ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو، سندس تدفين ڪراچيءَ ۾ ٿيندي، سندس مڙهه اڄ ڪراچي آندو ويندو.
شهريار خان ٻه ڀيرا پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين رهيو، شهريار خان ملڪ جو سفير به رهيو ۽ پرڏيهي سيڪريٽري طور پڻ خدمتون انجام ڏنيون.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي شهريار خان جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي سوڳوار خاندان سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو .
پي سي بي چيئرمين مرحوم شهريار خان جي سوڳوار پونئرن لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي ۽ چيو ته مرحوم شهريار خان پنهنجون ذميواريون سٺي نموني نڀايون.
شهريار خان جي زندگي ۽ خدمتن تي هڪ نظر
شهريار ايم خان 29 مارچ 1934ع تي گڏيل ڀارت جي شهر لکنئو ۾ ڄائو، هن شروعاتي تعليم اتان ئي حاصل ڪئي ۽ اعليٰ تعليم لاءِ انگلينڊ جو رخ ڪيو.
شهريار خان ڀارتي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان نواب منصور علي خان پٽودي جو سئوٽ ۽ بالي ووڊ اداڪار سيف علي خان جو چاچو هو.
ورهاڱي وقت شهريار خان جو خاندان هجرت ڪري پاڪستان هليو آيو ۽ ڪراچي ۾ رهائش اختيار ڪئي، پاڪستان جي پهرين فارن آفيس شهريار خان جي اباڻي گهر ڀوپال هائوس ڪلفٽن ۾ قائم ڪئي وئي هئي.
شهريار خان جو خاندان ڀارت جي شهر ڀوپال سان واسطو رکندڙ هو، ان کانسواءِ هو پاڪ-ڀارت ڪرڪيٽ ڊپلوميسي جو ماهر هو، هن سفارتڪاري کانپوءِ ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ شهرت حاصل ڪئي.
1999ع ۾ پاڪ-ڀارت ڪرڪيٽ بحالي کانپوءِ کيس پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي مئنيجر طور ڀارت موڪليو ويو، هو 2003ع واري ورلڊ ڪپ ۾ به مئنيجر هو، هن ڊسمبر 2003ع کان آڪٽوبر 2006ع ۽ آگسٽ 2014کان آگسٽ 2017ع تائين ٻه ڀيرا پي سي بي چيئرمين طور خدمتون انجام ڏنيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.