عماد وسيم رٽائرمينٽ واپس وٺي ڇڏي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر عماد وسيم پنهنجي رٽائرمينٽ واپس وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ عماد وسيم چيو ته هو اِهو اعلان ڪندي خوشي محسوس ڪري رهيو آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ آفيشلز سان ملاقات کانپوءِ عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ واپس وٺڻ تي ٻيهر غور ويچار ڪيو.
پنهنجي موجودگي جو اعلان ڪندي عماد وسيم لکيو ته اڄ کان هو پاڪستان ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ لاءِ دستياب آهي.
عماد وسيم اعتماد ڪرڻ تي پي سي بي جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته سدائين پاڪستان کي ترجيح ڏني آهي، ملڪ کي اعزازن سان نوازڻ لاءِ بهترين راند جو مظاهرو ڪندس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.