قوم مايوس نه ٿئي، ملڪ کي پيرن تي بيهارڻ لاءِ پرعزم آهيون: صدر آصف زرداري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته سمورا اسٽيڪ هولڊر وطن جي سلامتي، استحڪام، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ گڏجي ڪم ڪن.
شڪر پڙيان گرائونڊ اسلام آباد ۾ يوم پاڪستان جي مناسبت سان ٿيندڙ پريڊ جي تقريب کي خطاب ڪندي آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان پنهنجي خود مختياري تي ڪڏهن سوديبازي نه ڪندو، پاڪستاني قوم ۽ فوج ڪنهن به جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار آهي.
هن چيو ته پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي برداشت نه ڪيو ويندو، پاڪستان عالمي امن ۽ سڀني ملڪن سان دوستاڻن لاڳاپن جو خواهشمند آهي، اسان هڪ ذميوار ايٽمي طاقت آهيون ۽ امن طور رهڻ چاهيون ٿا.
سندس چوڻ هو ته اسان کي قومي اتفاق راءِ سان اثرائتي حڪم عملي، دانشمنداڻي انتظام، صوبن ۽ وفاق وچ ۾ بهتر رابطن جي سخت ضرورت آهي، قوم مايوس نه ٿئي، اسان ملڪ کي معاشي لحاظ سان مضبوط بڻائڻ ۽ پيرن تي بيهارڻ لاءِ پرعزم آهيون.
صدر چيو ته معاشي مسئلن جي حل ۽ سيڙپڪاري کي هٿي لاءِ ايس آءِ ايف سي جو قيام عمل ۾ آندو ويو، اسان کي انساني وسيلن جي ترقي ۽ هنرمندي، زراعت، آءِ ٽي، صنعتي ترقي ۽ گڊ گورننس تي ڌيان ڏيڻو پوندو.
آصف زرداري چيو ته اسان ڀارت جي غير قانوني قدمن جي مذمت ڪيون ٿا، گڏيل قومون والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي پامالين جو نوٽيس وٺن، ڪشميري عوام کي خاطري ڪرايان ٿو ته پاڪستان جدوجهد ۾ انهن سان سدائين گڏ رهندو.
هن وڌيڪ چيو ته غزا ۾ جاري تشدد ۽ فلسطينين جي نسل ڪشي تي به گهري ڳڻتي آهي، عالمي برادري فوري طور جنگبندي ڪرائي ۽ اسرائيل کي ظالماڻن قدمن کان روڪي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.