اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري سعودي بچاءَ واري وزير شهزادي خالد بن سلمان کي نشانِ پاڪستان جي اعزاز سان نوازيو.
ايوان صدر ۾ خاص مهمان سعودي عرب جي بچاءَ واري وزير شهزادي خالد بن سلمان بن عبدالعزيز کي نشان پاڪستان سان نوازڻ لاءِ تقريب ٿي، جنهن ۾ تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف، آرمي چيف جنرل عاصم منير، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا، بچاءَ واري وزير خواجا آصف ۽ ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي صدر آصف علي زرداري سعودي عرب جي بچاءَ واري وزير کي نشان پاڪستان جي اعزاز سان نوازيو.
You might also like