ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عرفان علي کوسو)ڪنڌڪوٽ ۾ ھڪ ٻئي استاد کي والد سان گڏ اغوا ڪرڻ جي ڪوشش، مزاحمت تي ھٿياربندن جي فائرنگ، ۽ استاد ۽ والد زخمي ٿي پيا، بي سيڪشن ٿاڻي جي حد اوڳاھي لاڙي وٽ ھاءِ اسڪول حامد بھلڪاڻي ۾ ڊيوٽي تي ويندڙ سيڪنڊري اسڪول ٽيچر عبدالرحيم باجڪاڻي ۽ سندس والد عليگوھر باجڪاڻي جو 3 موٽرسائيڪل سوار ھٿياربندن اڳ وٺي زبردستي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، نوجوان استاد پاران مزاحمت ڪئي وئي، استاد موجب ته ھٿياربندن ڪلاشنڪوف سان فائر ڪيا ۽ تشدد ڪيو جنھن ۾ استاد عبدالرحيم موجب مون کي مٿي ۾ گولي لڳي منھنجي پي علي گوھر کي به ڌڪ ھنيا ويا ۽ موٽرسائيڪل کي به گوليو ھنيون ويون ھٿيار بند فائرنگ ڪندا آساني سان فرار ٿي ويا، استاد موجب ھاڻي ڏوھاري استادن کي ٽارگيٽ ڪن ٿا اسان ڪيئن ٻارن کي ان حالت ۾ پڙھايون، اسان کي اغواجي ڪوشش ڪئي وئي اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.