اتر سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ زور، پوليس ۽ ڀوتار سندن سرپرست آهن: صحافي

لاهور (م ڊ) اتر سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ زور وٺي ويو آهي، سينيئر صحافي امداد سومري جي وي لاگ ۾ ڳالهائيندي سکر جي صحافي ممتاز بخاري ٻڌايو ته اتر سنڌ جي علائقن  ڪشمور، گهوٽڪي، جيڪب آباد، شڪارپور ۾ هن وقت به 50 کان 60 ماڻهو ڌاڙيلن وٽ يرغمال آهن. هن چيو ته انهن علائقن ۾ سري عام ماڻهو اغوا ٿيڻ ٿا پر پوليس به کين نه ٿي روڪي. مهينو اڳ 4 پوليس اهلڪارن کي به يرغمال بڻائي پنهنجا شرط مڃائي پوءِ ڇڏيو هو. هن ٻڌايو ته جن به ماڻهن کي بازياب ڪيو ويو آهي، انهن کان 50 لک کان وڌيڪ ڀنگ ورتو ويو آهي. هن چيو ته پوليس ۽ ڀوتار سندن سرپرست آهن، هنن وٽ اهڙا هٿيار آھن، جيڪي پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن وٽ آهن، خبر ناهي انهن کي اهي هٿيار ڪير ٿو پهچائي. هن چيو ته پوليس رپورٽن موجب سنڌ جي 8ضلعن ۾ 850 ڌاڙيل آهن. ڪل 10کان 12 ٽولا سرگرم آهن. انهن ٽولن وٽ عورتون به آهن، جيڪي ماڻهن کي فون تي گهرائي اغوا ڪرائينديون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.