سورھيھ بادشاهه ۽ حر  تحريڪ

تحرير: محمد خالد معراج عباسي سڪندري

ٻيو ۽ آخري حصو

1939 ع  ۾ ٻي مھاڀاري جنگ شروع ٿي چڪي هئي ۽ انگريز جرمنيءَ سان جنگ  وڙھڻ ۾ مصروف هئا. پير صاحب جو خيال هو ته اھو مزاحمت ۽ آزاديءَ جي جنگ وڙهڻ جو بھترين موقعو آهي.

سائين جي ايم سيد لکي ٿو ته ”مان پير صاحب سان مسلم ليگ ۾ شموليت لاءِ ملاقات ڪئي، هن صاف انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته منهنجو مشن آزادي يا موت آھي. ان کان پوءِ ھن  ڪيٽي، پيرجو ڳوٺ، خيرپور ۽ گڙنگ بنگلو، سانگهڙ ۾ غازين کي ڀرتي ڪيو ۽ سندن مشقن ۽ جسماني تربيت جي نگراني ڪئي.

ڪجهه ڏينهن کان پوءِ پير جو ڳوٺ لڳ ڪچي جي علائقي هادل شاهه ۾، جئين تھ سورهيه بادشاه انگريز سرڪار جي سخت نگرانيءَ هيٺ هو، انڪري غلام رسول شاهه ناظم پوليس خيرپور ميرس کيس ٻيهر گرفتار ڪري ڪراچيءَ وٺي ويو ۽ کيس مير خدا بخش جي بنگلي ۾ نطربند ڪيو ويو. سنڌ جي گورنر کيس ڪراچيءَ ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي، پر پير صاحب ڪراچيءَ مان اھو چئي ڪري پير جوڳوٺ   ڏانھن راونگي ڪئي تھ هو عدالت جي حڪم کان سواءِ نٿو رھي سگهي.

واپسيءَ تي هن غازين ۽ آزادي پسندن جون فھرستون تيار ڪرڻ لاءِ ھن سانگھڙ  جو دورو ڪيو ۽ پنهنجي اڻ پڙڻيل حرن کي دعوت ڏني. نوجوان  پوئلڳ خوشيءَ سان غازي ٿيڻ تي راضي ٿيا ۽ نالا لکائڻ لاِءِ قطارون لڳي ويون.اٽڪل 8 هزار غازين ھر حال ۾ سورهيه بادشاه جي حڪم جي تعميل ڪرڻ جو عهد ڪيو.ان دوران سورھيھ بادشاھ کي جون 1941 ۾ نئين گورنر ھيوڊائو سان ملاقات لاءِ گھرايو ويو.ھن ڀيري گورنر کيس ڪراچي ڇڏڻ کان روڪي ڇڏيو.ھو ينگ ويمن ڪرسچن ايسوسيئيشن هاسٽل جي سامهون بندر روڊ تي واقع مير خدا بخش جي بنگلي ۾ ٽڪيو. هن ان وقت جي گهرو وزير سر غلام حسين هدايت الله کان به ڪجهه ڏينهن لاءِ وڃڻ جي اجازت گهري، پر ان جي برعڪس سنڌ جي گورنر هندستان جي وائسراءِ ڏانهن خط لکي کيس گرفتار ڪري سنڌ مان جلاوطن ڪرڻ جو مشورو ڏنو. گورنر پاران  سندس درخواست تي عمل ڪرڻ کان جھجھڪ  تي ناراض ٿي، پير صاحب آڪٽوبر مهيني ۾ ڪراچي ڇڏي ويو. نظربنديءَ جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪندي سڌو سانگهڙ هليو ويو. سورهيه بادشاه حر ڪمانڊرن سان ملاقات ڪري ضروري هدايتون ڏنيون، پوءِ هو فوري طور پير جو ڳوٺ ويو ۽ اتي بھ هدايتون جاري ڪيون. ٻئي ڏينهن هن کي بغاوت جي الزام ۾ وري گرفتار ڪيو ويو ۽ سي پي، هندستان جي سيوني جيل ۾ آندو ويو.ڦاھي ڏيڻ جي صورت ۾ سورهيه بادشاهه اڳ ۾ ئي حرن کي هٿياربند جدوجهد جو پلان ڏئي چڪو هو.

هاڻي حرن انگريز فوج خلاف هٿياربند تحريڪ شروع ڪري ڇڏي. پير صاحب جي رهائشگاهه ۽ پير جو ڳوٺ درگاهه جي قلعي نما ديوار تي بمباري ڪئي وئي ۽ هڪ ارب جي ملڪيت ضبط ڪئي وئي. سندس خاندان کي گرفتار ڪيو ويو. اٽڪل هڪ سال پوءِ پير صاحب تي حيدرآباد جيل ۾ بغاوت جو ڪيس هليو. پير صاحب مرحوم ذوالفقار علي ڀٽي جي والد سر شاهه نواز ڀٽو جي معرفت نامور وڪيل قائداعظم محمد علي جناح جون خدمتون حاصل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي، پر قائداعظم اجايو عذر  پيش ڪري صاف انڪار ڪيو ته هن وٽ وقت نه آھي.جنھن بعد نوشهروفيروز ضلعي جي هالاڻي شهر جي رهواسي پبلڪ پراسيڪيوٽر ديالداس سندس ڪيس وڙهيو. حيدرآباد جيل ۾ ٽن ڏينهن تائين فرضي ٽرائل جاري رهيو. سورهيه بادشاه کي موت جي سزا ٻڌائي وئي ۽ پوءِ حيدرآباد جيل ۾ 20 مارچ 1943ع تي ڦاھي  ڏني وئي.

چيو وڃي ٿو ته ديالداس هڪ ڀيري پنهنجي مرشد پير آف جھوڪ شريف کي چيو ته سورهيه بادشاه کي عدالت سزا ٻڌائي هئي جيتوڻيڪ هن تي ڏوهه ثابت نه ٿيو هو.

سورهيه بادشاهه جي شهادت کان پوءِ حرن ھٿين خالي آزاديءَ جي جدوجهد شروع ڪري ڏني، هنن پنهنجن دوستن کان بندوقون ورتيون يا ماڻھن کا زبردستي کسي ورتيون. شروعاتي ڏينهن ۾ خيرپور رياست جي چيف پوليس غلام رسول شاھ جنهن سورهيه بادشاه کي گرفتار ڪيو هو. ان کي 14 مارچ 1942ع تي ڳوٺ خنواريءَ، تعلقي نارو، خيرپور ميرس ۾ قتل ڪيو ويو. ان مقابلي ۾ 5 فوجي مارجي ويا ۽ 10 زخمي ٿيا، جڏهن ته 9 حر شهيد ٿيا. ايڇ ٽي لئمبرڪ پنهنجي ڪتاب ”دي ٽيررسٽ“ ۾ ان مقابلي کي کنوار جي جنگ جو نالو ڏنو آهي.

حرن انگريز سرڪار خلاف گوريلا جنگ جو طريقو اختيار ڪري ورتو. ھنن انگريز سرڪار کي وڏي نقصان پهچائڻ جي لاءِ عوامي هنڌن تي حملا ڪرڻ شروع ڪيا. هنن ٽيليگراف جون لائينون/ تارون تباهه ڪري ڇڏيون ۽ مختلف هنڌن تي مختلف ٽرينون پٽڙي تان لهي ويون. حرن اڏيرو لال اسٽيشن ٽنڊو آدم تي ڳجھي اطلاع تي هڪ فوجي ٽرين کي پٽڙي تان لاھڻ جي رٿ رٿي. فوجي ٽرين فني خرابي سبب اتي رڪجي وئي. بدقسمتي سان فوجي ٽرين بدران لاهور ميل ان کي ڪراس ڪندي پٽڙي تان لاٿي وئي، جنهن ۾ ان وقت جي سنڌ جي وڏي وزير غلام حسين هدايت الله جو پٽ مارجي ويو. ان حملي ۾ 30 ڄڻا زخمي ٿيا. ساڳئي ڏينهن هڪ ٻئي حملي ۾ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير اللھ بخش سومرو کي حرن شڪارپور ۾ ان وقت گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن هو ٽانگي تي ريلوي اسٽيشن کان گهر اچي رهيو هو.

ياد رهي ته حرن ڪڏهن به ڪنهن شهري کي نشانو نھ بڻايو، سر غلام حسين جي پٽ کي سندس رڙيون ڪرڻ تي قتل ڪيو ويو، جيئن بچي ويل حملي آور حرن  1992ع ۾ هڪ سنڌي ڪتاب ”مڙيا ماٿي مچ“ ۾ ڇپيل  ھڪ انٽرويو ۾ چيو ھو.حرن جي چوڻ موجب سومرو صاحب کي ان ڪري قتل ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته اقتدار جي نشي ۾ هن عمرڪوٽ ۾ هڪ سياسي جلسي ۾ حرن کي چيلينج ڪيو هو.ھن سورهيه بادشاه ۽ حرن خلاف بھ ڳالهايو هو. ان کان سواءِ پوليس جي بس تي به حملو ڪيو ويو جنهن ۾ هڪ آفيسر سميت 13  اهلڪار ماريا ويا.

مخالفن کي نقصان پهچائڻ يا برطانوي فوج جي رستي ۾ رڪاوٽ وجھڻ لاءِ ڪيترن واھن کي گھارا وڌا ويا.مند جمڙائو ڪئنال کي بھ گھارو وڌو ويو، ڪجهه رپورٽن مطابق ان ڪارروائي ۾ ھڪ ٻئي پويان لڳ ڀڳ پنجاهه وڏا حملا ڪيا ويا. سورھيھ بادشاه جي گرفتاري کان  وٺي 1947ع ۾ ملڪ جي آزاديءَ تائين ستن سالن ۾ حرن ۽ انگريز فوجن جي وچ ۾ اڻڳڻيا مقابلا  ٿيا ۽ حملا ڪيا ويا. برطانوي فوج حرآبادين تي هوائي جھازن ذريعي حملا ڪيا، جيڪي آمريڪا کان ورتا ويا هئا.

انگريز سرڪار جلد ئي محسوس ڪيو ته ڪوششن  باوجود حر تحريڪ ڏينهون ڏينهن زور وٺندي پئي وڃي. سنڌ حڪومت هڪ انگريز سرڪار جي نمڪ حلالي ڪندي ھڪ ڪلاڪ اندر ”حر سپپريشن بل“ پاس ڪيو ۽ ھندستان ۾ پهريون ڀيرو سنڌ جي حرن جي اثر وارن مخلتف ضلعن ۾ پھرين  جون 1942ع تي مارشل لا لاڳو ڪئي وئي.مسٽر ايڇ ٽي ليمبرگ  کي  مارشل لا ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو.

20 مارچ 1943ع تي سورهيه بادشاه  کي حيدرآباد جيل ۾ ڦاھي ڏيڻ بعد سندس لاش کي نامعلوم هنڌ تي دفنايو ويو. سندس دفن جي جاءِ انگريز سرڪار ڳجهي رکي هئي.

محققن جو چوڻ آھي تھ بعد ۾ انگلينڊ پاران پڌري ڪيل آفيسرن جي وچ ۾ ٿيل لکپڙھ بھ ڪافي گمراھ ڪندڙ آھي.جن خطن ۾ دفن واري جاءِ جو ذڪر يا راءِ شامل آھي.انھن ۾ ڪو چٽو اشارو نھ ڏنو ويو آھي.جنھن مان شڪ لڳي ٿو تھ يا تھ حتمي فيصلي جي ذڪر وارن خطن کي ڄاڻي واڻي پڌرو نھ ڪيو ويو آھي يا وري ان معاملي ۾ برطانوي حڪومت جي مجاز آفيسرن زباني طور تي حتمي شڪل ڏني آھي.اھو ئي سبب آھي جو سورهيه بادشاهه جي دفن ڪرڻ واري جاءِ اڃا تائين هڪ راز آهي.

پير سيد صبغت الله شاهه المعروف سورهيه بادشاه رحمت الله عليه جي خاندان کي تحويل ۾ ورتو  ويو، ملڪيتون ضبط ڪيون ويون ۽ سندس پٽن کي علي ڳڙهه هندستان نيو ويو ۽ پوءِ ليورپول برطانيه ڏانهن جلاوطن ڪيو ويو.

ان کان سواءِ انگريز فوج وڏي پيماني تي هر ڳوٺ تي حملا ڪيا ۽ ڇاپا ھنيا.حرن جي گهرن کي ھٿ سان باھ ڏئي ساڙيو ويو. هزارين بيگناهه حرن جي خاندانن کي انڌاڌنڌ گرفتار ڪيو، کين حراستي ڪيمپن ۾ قيد ڪيو. ان مقصد لاءِ هن سنڌ جي مختلف هنڌن تي 22 ڪئمپون قائم ڪيون هيون. سوين حرن تي سنگين ڪيس داخل ڪيا ويا، جن تي بظاهر ڪيس ھلايا ويا ۽ ڦاهي ڏني وئي. هڪ اندازي موجب 200 کان وڌيڪ آزادي پسندن کي سرعام ڦاهي ڏني ويندي ھئي. حيدرآباد ۽ سکر جيل جي ٻاهران اڄ به حر شهيدن جي قبرستانن جي زيارت ڪري سگهجي ٿي. حرن يارنهن سالن تائين انگريز سرڪار خلاف جنگ جاري رکي.انھن گوريلن جا ڪيترائي هٿياربند گروهه هئا.جيڪي پاڪستان جي آزاديءَ تائين مختلف علائقن ۾ جنگي سرگرمين ۾ مصروف هئا. حر تحريڪ دوران ايم آءِ سنڌ جي سربراهه ڪرنل فلپ بعد ۾ سنڌ ۾ پنهنجي هڪ دوست کي لکيل خط ۾ اعتراف ڪيو ته جيڪڏهن اسان حر تحريڪ کي ڪچلڻ ۾ ڪامياب نه ٿيون ها ته ايشيا مان انگريزن جي سلطنت ختم ٿي وڃي ها ۽ سنڌ جي آزادي سان گڏ ئي بنگال به آزاد ٿي چڪو هو.

پاڪستان 14 آگسٽ 1947ع تي وجود ۾ آيو. سورهيه بادشاهه جي پٽن شاهه مردان شاهه ۽ نادر علي شاهه کي آزاديءَ جي پنجن سالن بعد وطن واپس آندو ويو.

اها ستم ظريفي آهي ته حرن سان انهن جي ئي آزاد ملڪ پاڪستان طرفان بھ ڏوهارين جهڙو سلوڪ ڪيو ويو، جنهن لاءِ هنن پنهنجون حياتيون، اولادون ۽ ملڪيتون قربان ڪيون. اهي پاڪستان جي جيلن ۾ سڙي رهيا ھئا.  نئين پير پاڳارو سيد شاهه مردان شاهه پير پاڳارو VII کي  گھربل حرن کي فوري طور تي ھٿيار ڦٽا ڪرڻ تي جي حڪم ڏيڻ تي مجبور ڪيو ويو.جيتوڻيڪ حرن پنهنجي روحاني پيشوا جي حڪم تي هٿيار ڦٽا ڪيا، پر انگريز سرڪار پاران داخل ڪيل ڪيسن جي بنياد تي انهن تي مقدما هلايا ويا ۽ انهن مان ڪن کي ڦاھي ڏني وئي.

پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ  حرن وطن عزيز پاڪستان جي حفاظت لاءِ پاڪستاني فوج سان گڏ پنھنجون جانيون قربان ڪيون. 1965ع ۽ 1971ع جي جنگين ۾ پاڪستان جي سرحدن جي حفاظت لاءِ پاڳارو خاندان ۽ سندن حرن جي قربانين کي تاريخ وساري نه سگهندي.

زنده قومون پنهنجي قومي هيروز کي ياد ڪنديون آهن، انهن جا ڏينهن ملهائينديون آهن ته جيئن ايندڙ نسل پنهنجي وطن جو قدر ڪن ۽ ملڪ لاءِ پنهنجي جان قربان ڪرڻ کان نھ ڪيٻائين. بيشڪ سورهيه بادشاهه ۽ سندس حرن جون قربانيون ملڪ جي آزاديءَ جي تاريخ ۾ هڪ روشن باب آهن.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سياسي مفادن کان بالاتر ٿي 20 مارچ تي سورهيه بادشاه کي سرڪاري طور تي سورھيھ بادشاھ جي  شهادت جو ڏهاڙو ڊڪلئير ڪيو وڃي ۽ ان کي جوش ۽ جذبي سان ملهايو وڃي ته جيئن اسان جي نوجوانن ۾ قومي غيرت جو جذبو پيدا ٿئي ۽ سورهيه بادشاهه جي تدفين واري جڳهھ جي ڳولا لاءِ هڪ  تحقيقاتي ڪميشن جوڙي وڃي ۽ اھو ھنڌ عوام آڏو آندو وڃي ۽ پوءِ وارثن جي مرضي مطابق مستقبل جو پلان تيار ڪيو وڃي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.